ڪوٽڙي ۾ جمن دربدر جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو،زبردست ڀيٽا پيش

ڄامشورو(ڊ ر) ڪوٽڙي ۾ بھترين شاعر جمن دربدر جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو  بزم غالب ملڪاڻي خدا جي وسندي ۽ سگا شاخ ڪوٽڙي جي گڏيل سھڪار سان سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري شاعر، قومي ڪارڪن ۽ بھترين شخصيت جمن دربدر جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو سنڌ جي نامياري شاعر اديب، سماجي اڳواڻ حسين سارنگ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو تقريب  ۾  خاص مھمان ليکڪ اديب شاعر ڪھاڻيڪار محبوب سنڌي بھترين ليکڪ، اديب شاعر ڪالم نگار ۽ صحافي الطاف ملڪاڻي بھترين سگھڙ قاضي بدر قمرالدين لطيفي سليمان جوڻيجو اعزازي مھمان طور شرڪت ڪئي. تقريب جي  شروعات عثمان پنھور حمد باري تعالي سان ڪئي ، شاعر روشن ڏيپر پنھنجي نڪور شاعري پڙهي ، چاچي مصري جمالي لطيف سائينءَ جي چونڊ شاعري ٻڌائي سگھڙ قاضي بدرسگھڙ، محمد سليمان جوڻيجو، سگھڙ علي گل رند ڏور، بيت ۽ ٻڌايا. اسڪالر الطاف ملڪاڻي چيو ته جمن دربدر بھترين شاعر ۽ سچو کرو کاھوڙي انسان ھو جنھن سڄي زندگي جدوجهد جاري رکي سندس شاعري سدا حيات شاعري آهي  وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو، کيس ھميشه ياد ڪيو ويندو، لطيف جي پارکو قمرالدين لطيفي ڪافيون ٻڌايون جڏھن ته محبوب سنڌي ۽ ذوالفقار علي هالار جمن دربدر جي فن ۽ شخصيت تي روشني وڌي ۽ مقالا پڙھيا راڳي پيار علي پيار ، استاد نياز حسين خاصخيلي پنھنجي سريلي آلاپ سان ڪلام   ڳائي جمن دربدر کي ڀيٽا پيش ڪئي فياض قمبراڻي اسد علي مغل، شير محمدجمالي، عبدالجبار ڀٽو، محمد رمضان لاھوتي، بشير جويو ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي تقريب کي حسين سارنگ صدارتي خطاب ڪندي چيو تہ جمن دربدر  ھڪ مسڪين ماڻهو ۽ سنڌ جو بھترين شاعر  سچو انسان ھو جنھن جو خال ڀرجڻ ڏاڍو مشڪل آهي اھڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں