ڪوٽ غلام محمد ۾ جي ٽي ايس ڪوريا جي تعاون سان ٻوڏ متاثرن ۾ راشن بيگ تقسيم ڪيا ويا

ڪوٽ غلام محمد(ن س)ڪوٽ غلام محمد جي تعلقي جي يوسي مير غلام حسين ٽالپر ۾ JTS Korea جي تعاون سان 2000 راشن بيگ فاسٽ رول ڊيولپمينٽ پروگرام تحت تقسيم ڪيا ويا، جنھن ۾ JTS Korea جي فوڪل پرسن ميڊم جيني پارڪ، فاسٽ رول ڊيولپمينٽ پروگرام جي فوڪل پرسن عبدالحق بنگلاڻي، ميڊم فوزيه راجپوت ۽ مھمان خاص طور اڳوڻي ضعلي چئيرمين نوبزادہ مير انور علي خان ٽالپر، مير غزن ٽالپر، پ پ پ اڳواڻ حاجي الله رکيو دل شرڪت ڪئي. فوڪل پرسن ايف آر ڊي پي عبدالحق بنگلاڻي چيو ته ڊي سي ميرپورخاص پاران اسان کي ٻن يوسين جي لوڪيشن ڏني جنھن ۾ يوسي مير غلام حسين ٽالپر ۽ يوسي رئيس غلام مصطفي ڀرڳڙي ٻنھي يوسين ۾ اسان چار ھزار راشن بيگ تقسيم ڪيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں