ڳالهين جو نتيجو نظر نه پيو اچي، جمعي تي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيندس: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڳالهين جو ڪو نتيجو نظر نه پيو اچي، ايندڙ هفتي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندس. اسلام آباد ۾ اعظم سواتي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته بيڪ ڊور چئنل سان ته سدائين ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، سياسي جماعتون سدائين بيڪ ڊور چئنل سان ڳالهيون ڪنديون رهنديون آهن. هن چيو ته اسان کي ڳالهيون ڇا لاءِ ڪرڻيون آهن، اسان چونڊون چاهيون ٿا، مون کي چونڊن جي ڪا اميد نظر نه پئي اچي، خميس يا جمعي تي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيندس، لانگ مارچ پرامن هوندو، اسان جي لانگ مارچ ۾ ماڻهو انجواءِ ڪندا، ڪو تشدد نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اهي اچڻ سان ئي پي ٽي آءِ کي چٿڻ ۾ لڳل آهي، پي ٽي آءِ جي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن تي ظلم ڪيو ويو، مان ڪڏهن سياسي ماڻهن تي ايڏو ظلم ناهي ڏٺو، ڏوهارين کي سازش تحت اسان تي مڙهيو ويو. عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهي مون کي پڪڙي ڇڏين ته ڇا لانگ مارچ نه ٿيندو؟ ماڻهو نه نڪرندا؟ اهي پاڪستان کي سريلنڪا بڻائڻ چاهين ٿا، احتجاج روڪيو ويو ته ملڪ بند ٿي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں