ھار، منڊيون ۽ واچ عمران خان کي مھانگا پئجي ويا

لياقت پنھور
ورجينيا ھن ملڪ جي تاريخ تي گھرائي سان نظر رکي ڏسجي ٿو ته ھتي اھل ناھل غدار يا وفادار جون فتوائون ڪا نئين ڳالھ ناھي اھڙي قسم جا فيصلا وقت به وقتن ٻڌڻ ڏسڻ ۽ پڙھڻ ۾ ايندا ئي رھيا آھن ان ڪري خلق کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي خوامخواھ ان تي بحث ڪرڻ بجاءِ پھرين ماضيءَ جي اھڙن فيصلن کي به ڏسڻ۽ سمجھڻ گھرجي ھتي ڪريٽ غدار چور جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ھوئين به ڪا نئين ڳالھ ناھي جنھن جي ھٿ ۾ لٺ آھي اھو سڀني کان ڏاڍو ھوندو آھي ھن ملڪ ۾ لٺ سردار ٻه ته آھن ئي آھن پر ھڪ غائباڻا لٺ به آھي جيڪا وقت تي اچانڪ لڳي ويندي آھي جو صفا ڍير ڪريو ڇڏي ،اھالٺ ڪيئن ڪٿان لڳندي آهي جنھن جو ھن وقت تائين نه سر نه کر لڳو آھي پوءِ اھو لياقت علي خان جو واقعو ھجي جنھن کي سرعام ماريو ويو، شھيد ڀٽي کي ڦاھي تي چاڙھيو ويو ،ضياءُ الحق ته اڏام آسمان تان ئي ھميشه لاءِ ڪري ويو، شھيد راڻي بينظير ڀٽو کي جلسي گاھ ۾ سرعام شھيد ڪيو ويو مشرف کي غداريءَ جو فيصلو ٻڌائي لاش چوڪ تي ٽنگڻ جو فيصلو به ھو، نواز شريف کي جيل وجھي نااھل ڪيو ويو آصف علي زرداري کي ڪرپٽ ڪوٺي جيلن ۾ قابو ڪيو ته چور آھن اھي سڀ عام نه پر انھن مان ڪي وزيراعظم ،صدر چيف آف آرمي اسٽاف جي عھدن تي رھيا آھن اھڙن لاءِ اھڙي قسم جا فيصلا ۽ واقعا تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آھن ھن وقت وري صادق ۽امين جا لقب ملندڙ لاءِ به اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آيو جيڪو توشا خان جي ڪيس ۾ نااھل ٿي ويو آھي اھڙي فيصلي تي ڪٿي احتجاج تي ڪٿي مٺايون ۽ مبارڪن جو سلسلو به ھلندڙ آھي ڇو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان توشا خاني ريفرينس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزير اعظم ۽ چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف، عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ان فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عمران خان صادق ۽ امين نه رهيو آهي، ان ڪري هاڻي هو قومي اسمبليءَ جو ميمبر به نه رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي بطور رڪن قومي اسمبليءُ جي سيٽ به خالي قرار ڏني آهي.ياد رھي ته مسلم ليگ (ن) جي قومي اسمبلي ميمبر بيرسٽر محسن نواز رانجها اسپيڪر وٽ عمران خان جي خلاف توشا خانه ريفرينس موڪليو هو، جنهن کي اسپيڪر هلندڙ سال آگسٽ ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڏياري موڪليو هو. جنھن ريفرينس ۾ ڪميشن کي التجا ڪئي وئي هئي ته عمران خان توشا خانه مان تحفا خريديا ليڪن اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اثاثن جي گوشوارن ۾ انهن کي ظاهر نہ ڪيو هو. ان ڪري، بدديانتيءَ تي کيس نااهل قرار ڏنو ٿو وڃي. ته وري ٻئي پاسي عمران خان جو هن ريفرينس ۾ موقف رهيو آهي ته هن قاعدن ۽ ضابطن جي تحت توشا خانه مان تحفا حاصل ڪيا ۽ ان سلسلي ۾ ڪا بي ضابطگي نه ڪئي وئي.اھڙي فيصلي اچڻ بعد تحريڪ انصاف عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ھاڻ ڏسجي ته ماضي وانگي عمران خان کي عدالتن مان رليف ملڻ جو امڪان آھي يا نه ؟ اھو سوال پنھنجي جڳھ تي آھي ڇو ته ھن وقت اندروني ويڙھ اڃان ٻئي آھي جيڪو ولو ۽ گامون جي سمجھ کان شايد ٻاھر آھي چو ته اڃان عمران خان تي فارين فنڊنگ جو ڪيس به لٽڪيل آھي ته وري ڪجھ ٻيا پنا به اٿلڻ شروع ٿي ويا آھن قصو گھڻو آھي عمران خان جھڙي نموني پاڻ کي طاقتور سمجھيو اھڙي نموني کيس آھستي آھستي ڪمزور ٿيندو پيو وڃي يا ڪيو ٿو وجي اھو سامھون آھي ھن وقت نواز ليگ يا پيپلز پارٽي وارا ڀلي مٽايون ورھائين پر اھي وارا ڍارا آھن ڪو خوشيون ته ڪو غم ۾ ھوندو آھي ان ڪري ڊسمبر جي پچاڙڪا ڏينھن اھم آھن ميڊيا بريڪنگ نيوز ۾ ھوندي يا وري بجلي آف ھوندي اھو وقت ثابت ڪندو عمران خان لاءِ بھتر اھو آھي ته احتجاجن بجاءِ قانوني سھارو وٺي باقي ھتي ڪا به آڻ ٿيڻي شئي ناھي ڪجھ ڪنھن بہ وقت ٿي سگھي ٿو ان ڪري ايندڙ خبرن تي تعجب ڪرڻ سوچڻ جھڙي ڪا ڳالھ ناهي اسان ھاڻ عادي آھيون جنھن تي چور ،ملڪ کي لٽڻ جا الزام ھئا اھي بادشاھ آھن جن کي صادق امين جا لقب ھيا اھي چور ۽ ڪوڙا ثابت ٿي رھيا آھن ھتي نمبر سان ڪو صادق امين مان ڦري سري چور ٿيندؤ رھندو ته چور مان وري صادق امين به ٿيندؤ رھندو ان ڪري پاڻ پنھنجي ڪم سان ٿا لڳون ڇو ته الزام نه لڳي غداريءَ جو ، ڇو ته پاڻ وٽ ملڪ جي ترقي ۽ بھتري بجاءِ ھرڪو ان ڪوشش ۾ آھي ته ڪنھن کي چور ڪئين ظاھر ڪجي يا وري چور ۽ کي صادق امين ڪيئن پيش ڪجي باقي عوامي مسئلا وڃي کڏي جي تري ۾ پون ھاڻ ھتي سؤال اھو به پيدا ٿي رھيو آھي ته ڇا عمران خان جي نااھلي جي فيصلي مان عوام کي ڪو فائدو يا نقصان آھي ؟ جيڪڏھن آھي ته ڪھڙيءَ قسم جو ؟! ڇا پيٽرول جو اگھ گھٽ ٿيندو يا نه آٽو سستو ملندو يا نه ؟! جيڪڏھن نه ته پوءِ ولو ۽ گامون پنھنجا ڪم ڪار ڇڏي ان بحث تي اخر ڇو آھي اسان کي ڇو اھڙن فيصلن ۾ الجھايو ٿو وجي ان جو پسمنظر ۾ ٻيا ڪھڙا فيصلا ٿيندا ان طرف ڪڏھن سوچيو به ناھي سوچڻ اسان کي سوچڻ گھرجي ته اسان کي ڇا ڪرڻ کپي اھو ناھي سوچڻو ته نواز ليگ جو يا پ پ يا وري تحريڪ انصاف جو ڇا ٿيندو ،انھن کي ڇڏي پنھنجي بقا جو سوچڻ گھرجي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں