اي انصاف توکي ڪٿي ڳوليان… ؟

حسن ناز سومرو

     سنڌ ڌرتي جنھن کي ولين، درويشن ۽ بزرگن جي ڌرتي ڪوٺيو ويندو آھي جتي امن ۽ آشتي جو درس ڏنو ويندو آھي پر اڄ ان ڌرتي تي جيڪو ظلم ۽ جبر ٿي رھيو آھي ان تي سنڌ جا ماڻھو فقط ڳوڙھائي ڳاڙھي رھيا آھن، سنڌ مان امن وارو پکي اڏام ڪندي ڪنھن ڏوراھين سفر جو راھي ٿي چڪو آھي ھتي احساس نالي ڪابہ شيءِ نہ رھي آھي، سنڌ ۾ جتي ڌارين جي يلغار سنڌي ماڻھن کي بيوس بڻائي آھي اتي بک ۽ بدحالي غريب ماروئڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ ۾ ھر وڏي ۽ سٺي نوڪري تي ڌاريا قبضو ڪري چڪا آھن سنڌ جا وڏيرا جيڪي نالي ماتر سنڌي آھن انھن سنڌي ماڻھن کي نڌڻڪو ڪرڻ ۾ رڌل آھن پر انصاف نالي ڪابہ شيءِ نظر نہ ٿي اچي، اڄ انصان نہ ملڻ ڪري سنڌ جون نياڻيون بہ روڊن ۽ رستن تي نڪري چڪيون آھن پر انصاف انھن کي ڪڏھن پلہءُ پوندو ان باري ۾ ڪابہ خبر ڪونہ آھي.

       اھڙِي قسم جو ھڪ واقعو شاھ پور چاڪر ۾ بہ پيش آيو آھي جتي سنڌ ڄائي ناياب جي گھران چوري ڪرائي ويئي آھي ناياب جي گھران چوري ڪنھن ڪرائي آھي يا ان چوري ۾ ڪنھن جا ھٿ ملوث آھن اھا پوليس ۽ ڀوتارن کي سڄي خبر آھي پر پوليس ڪن لاٽار ڪندي چورن کي پڪڙڻ بدران گھر ڌڻين کي حراسان ڪري رھي آھي ايس ايڇ او شاھ پور چاڪر غلام شبير جيڪو چورن جي ناني بڻيل آھي ۽ شاھ پور چاڪر ۾ ٿيندڙ ھر ڏوھ ۾ ايس ايڇ او غلام شبير ملوث ھوندو آھي جنھن جي نتيجي ۾ اڄ شاھ پور چاڪر ۾ امن امان بدران بدامني جي باھ ڀڙڪي اٿي آھي. شاھ پور چاڪر ۾ اھا رات خالي نہ ھوندي آھي جنھن ۾ ڪنھن غريب يا ڪنھن مسڪين ماڻھو جي چوري نہ ٿيندي ھجي ۽ پوءِ صبح جو پوليس ۽ ڀوتار گڏجي جشن ملھائيندا آھن اھڙي طرح شاھ پور چاڪر جي نياڻي ناياب جي گھر مان چوري بہ ڄاڻي واڻي ڪرائي ويئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ ناياب جو والد ڀوتارن ۽ پوليس جي درن جا ڌڪا ٿاٻا کائي موٽي آيو آھي پر ھن کي اڃان بہ چوري ملڻ بدران پوليس ۽ ڀوتارن تذليل جو نشانو بڻائي ڇڏيو آھي جنھن تي ناياب چوري واپس ڪرائڻ لاءِ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آھي، شاھ پور چاڪر جي ناياب ڏينھن جو لال ٽين ( بتي ) ھٿ ۾ کڻي پريس ڪلب آئي پر ان احتجاج جي باوجود بہ ساڻس ڪنھن بہ مدد نہ ڪئي جنھن کان پوءِ ناياب پيرين اگھاڙي پوري شھر جو گشت ڪيو تہ شل چوري واپس ٿئي پر افسوس جو اڃان تائين نہ چوري ملي نہ چورن جو ڏس پيو آھي شاھ پور چاڪر جا سماجي اڳواڻ ۽ سماجي ڌريون ناياب جو ساٿ ڏيڻ ۽ ظالمن کي گرفتار ڪرڻ تائين جدوجھد جاري رکڻ جو پڻ اعلان بہ ڪيو آھي سو ھاڻي ڏسڻو اھو آھي تہ ناياب پنھنجو حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب وڃي.

   ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا جيڪڏھن سنڌ ۾ ڪنھن سان ظلم ٿيندو تہ ڇا سنڌ جي ھر نياڻي کي ام رباب يا ناياب ٿيڻو پوندو……؟؟ ڇا سنڌ ۾ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ نياڻين کي روڊن تي اچڻو پوندو…..؟؟ ھونئن تہ سنڌ ۾ نياڻين کي ستن قرآنن جي برابر سمجھيو ويندو آھي پر افسوس جو جڏھن ان نياڻي سان جڏھن ظلم ڪيو ويندو آھي ۽ پوءِ اھا نياڻي در در جا ڌڪائڻ تي مجبور ٿي ويندي آھي ان وقت عورت جي عظمت جو خيال ڇونہ رکيو ويندو آھي…….؟؟ سنڌ ۾ اڄ کان پوءِ جنھن بہ سنڌي ماڻھو سان ظلم ٿئي پوءِ اھو ظلم پوليس طرفان ڇونہ ھجي، چاھي ڀوتارن پاران ھجي ان ظلم جي خلاف ھر سنڌي ماڻھو کي پنھنجون نياڻيون روڊن تي آڻي انصاف جي گھر ڪرڻي پوندي ڇا ڪاڻ تہ ھتي انصاف فقط امير ماڻھن کي ئي ملندوآھي باقي غريب تہ پيدا بہ ظلم سھڻ لاءِ ئي ٿيو آھي، سو شاھ پور چاڪر ۾ پيش آيل واقعي ۾ جھڙي طرح پوليس ۽ وڏيرا شامل آھن سو ان ڳالھ جي خبر پوري عوام کي آھي پر اھا چوري ھاڻي ڪيئن ٿي واپس ٿئي ان لاءِ اڃان بہ گھڻي جدوجھد جي ضرورت آھي سو ان باري ۾ اسين بہ سنڌ جي بالا آفيسرن جنھن ۾ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪنداسين تہ شاھ پور چاڪر ۾ جھڙي طريقي سان سنڌ جي نياڻي ناياب ۽ ان جي والدين جي چوري ڪري تذليل ڪئي ويئي آھي ان لاءِ فوري حڪم صادر ڪري ايس ايڇ او شاھ پور چاڪر کي معطل ڪري ۽ چوري جي ڏوھ ۾ ملوث چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان ماڪن تائين پھچائي چورن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي تہ جيئن ٻيھر ڪنھن نياڻي کي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن تي نہ اچڻو پوي.

حسن ناز سومرو

موبائيل نمبر؛ 03133160003

hassannazsoomrohyd@gmail.com جي ميل؛

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں