محمد علي ابڙو
جنهن رياست جي حڪمران ۾ سفارتي آداب ۽ ايتري به اخلاقيات نه هجي ٻين رياستن پاران مليل تحفا عالمي منڊي ۾ وڪرو ڪري ان کي قانون کان پهرين اخلاقياتي پهلو ڏسڻ کپن پهرين اخلاقيات تي هلڻ سکي. هڪ اهڙي ڊپارٽمينٽ جتي ٻين رياستن جي دؤري تي ويندڙ حڪمرانن سميت اعلا عهديدارن کي مليل تحفا يادگار طور رکيا ويندا آھن ان کي توشه خانه چيو وڃي ٿو. مليل تحفن بابت ڪو به واضع آئيني قانون ڪونهي. صرف سيڪريٽري جا رولز ۽ پروسيجر آھن جيڪي وزير اعظم جي هدايت تي سيڪريٽري ڪنهن به وقت بدلائي سگهي ٿو يا ان ۾ ڦيرڦاڙ ڪري سگهي ٿو. رولز پروسيجر تحت ٻين رياستن جي دؤري ڊوران حڪمرانن ۽ اعلا عهديدارن کي جيڪي به تحفا ملن ٿا 30 هزار کان گهٽ ماليت جو تحفا جنهن به حڪمران يا اعلا عهديدار کي ملندا اهي پاڻ وٽ فري ۾ رکي سگهن ٿا باقي ان کان مٿي جي ماليت جا تحفا توسه خانه ۾ جمع ٿيندا جن جي ايف بي آر FBR مارڪيٽ جي حساب سان انهن تحفن جي قيمت مقرر ڪندي آھي. سڀ کان پهرين جنهن حڪمران يا عهديدار کي تحفا مليا اهو مقرر قيمت جو 15 سيڪڙو ڏئي خريد ڪري سگهندو آھي هاڻ 15 سيڪڙو کان وڌائي ان جي تحفي جي خريد ڪرڻ جي قيمت 50 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آھي جي اهي خريد نٿا ڪري سگهن ته پوء فوجي آفيسر يا بيوروڪريٽ آفيسر ان قيمت تي خريد ڪري سگهن ٿا جي اهي به خريد نٿا ڪن ته پوء اهي تحفا نيلام ٿيندا جيڪي عوام خريد ڪري سگهي ٿو ان مان ٿيندڙ ناڻو رياست جي خزاني ۾ جمع ڪيو ويندو. عمران خان صاحب سعودي عرب، يو اي اي سميت ٻاهرين رياستن جي دؤرن تي ويو ته کيس 58 تحفا مليا 2018 کان 2019 تائين جن جي ڪروڙين روپيا ماليت هئي جيڪي عمران صرف 3800000 ٽي لک اسي هزار روپين ۾ خريد ڪيا پهريون دفعو ملڪ جي ڪنهن حڪمران ڪنهن رياست پاران مليل تحفا مارڪيٽ ۾ کپائي انهن تحفن مان مليل 5800000 پنج ڪروڙ اسي لک آمدني ڪمائي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي فارم ۾ ظاهر نه ڪئي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ااشرف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو. اليڪشن ڪميشن جي ايڪٽ 138 تحت هر پارلياماني ميمبر کي هر سال پنهنجا اثاثا جمع ڪرائڻا هوندا آھن جيڪي عمران خان جمع نه ڪرايا جنهن جي ريفرنس تيٻ ڻي وڪيلن دلائل ڏنا اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو تازو اليڪشن ڪميشن ٻڌائي عمران خان کي نااهل قرار ڏنو. عمران خان هڪ ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت صادق امين نه رهيو ٻيو سفارتي آدابن جي خلاف پهريون دفعو ڪنهن حڪمران تحفا خريد ڪري عالمي منڊي ۾ وڃي وڪرو ڪيا. قانون کان پهرين اخلاقيات پهلو ڏسڻ کپي حڪمران اخلاقيات تي هلي گهرجي اليڪشن ڪميشن ته صرف نااهل قرار ڏنو عمران خان کي پر ملڪ جي رسوائي تڏهن ٿي جڏهن سعودي عرب جي ولي عهد پاران تحفي ۾ مليل اها گهڙي جڏهن ڪمپني ۾ وڪرو لاء وئي ته ڪمپني سمجهيو کپائڻ وارو چور آھي ڇو ته اهيا گهڙي ته سعودي خاندان جي آھي ڪمپني سعودي خاندان سان رابطو ڪيو جن ٻڌايو ته اهيا گهڙي اسان پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان نيازي کي گفٽ ڪئي هئي ان تي سعودي سرڪار وڌيڪ ناراض ٿي ته هڪ ملڪ جي سربراھ کي مليل تحفو اهو ڪيئن هو کپائي سگهي ٿو. سعودي گورنمينٽ فوري پاڪستان جي سرڪار کي چيو 3 ارب ڊالر واپس ڪريو جيڪي اسان توهان جي ملڪي خزاني ۾ جمع ڪرايا تنهن تي نيازي سرڪار چين کي منٿون ڪري 1 ارب ڊالر واپس ڪيا ٻن اربن جي في الحال معافي ورتي ان کان پوء سعودي گورنمينٽ پاڪستان جو تيل بند ڪري ڇڏيو. محبت ۾ مليل تحفو پيسي جي حوس ۾ جڏهن مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيو ته هڪ پاسي رياست جي خواري ٻئي پاسي معشيت تي بار پيو ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو. مارڪيٽ ۾ اهيا به ڳاله هلي پئي ته جيڪي عمران نيازي کي گراف گهڙي، ڪف لنڪس، قلم، منڊيون، ڪپڙن سميت 58 تحفا مليا هئا اهي ڪافي مهنگا هئا جن مان ڪافي تحفا فري ۾ کڻي ويو جيڪي تحفا خريد ڪيا انهن جي 14 ڪروڙ قيمت مقرر ڪئي وئي هئي جيڪا عمران 3800000 ٽي ڪروڙ اسي لک ڏئي ورتا اهي به اوپن مارڪيٽ ۾ گهٽ م گهٽ 2 ارب جا هئا. توشا خانا جو 30 سالن جي رڪارڊ موجب سمورا حڪمران مليل تحفا سرڪاري رقم ڏئي گهر کڻي ويا مال غنيمت سمجهي پر عمران نيازي گهر به کڻي ويو ته مارڪيٽ ۾ کپائي ملڪ کي دوست ملڪن وٽ شرمنده ڪيو. 1997 نواز شريف ترڪمانستاني حڪومت کان مليل قالين صرف 50 روپين دئي گھر کڻي ويو. قطر جي ولي عهد کان مليل بريف ڪيس صرف 875 روپيا ڏئي گهر کڻي ويو. 1999 سعودي عرب کان 45 لکن جي مرسديز ڪار ميان صاحب 6 لک روپيا ڏئي گهر کڻي ويو. سعودي حکومت کان مليل راٸفل مياں صاحب 14ھزار روپيا ڏئي گهر کڻي ويو. ابو ظهبي جي حڪمران جي طرفان نواز شريف مريم نواز بيگم کلثوم نواز مرحومہ کو 3 واچون تحفي ۾ مليون 2 گھڙيون توشا خانا ميں جمع ڪرائي هڪ گھڙي مريم نواز 45 ھزار ۾ خريد ڪئي جنهن جي قيمت 1999 ۾ 10 لک کان مٿي هئي. وزيراعظم شوڪت عزيز 26 ڪروڑ جا مليل تحفا 7 ڪروڙ ھڻي اڍائي ڪروڙ ۾ گھرکڻي ويو. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني2011 ۾ سعودي حڪومت کان مليل 20 لک کان مٿي جا تحفا واچ، خنجر صرف 2 لک 83 هزر روپيا ڏئي گهر کڻي ويو. يوسف رضا گيلاني گيلاني جي زل 30 لک جيولري سيٽ صرف 3 لکن روپيا ڏئي گهر کڻي ويو2009 ميں آصف زرداري کو ڪرنل قذافي 3 ڪروڙ جي گاڏي گفٽ ڪئي جيڪا زرداري صاحب 40 لک ڏئي گهر کڻي ويو. 2009 ۾ يو اي اي حڪمران زردادي صاحب کي 12 ڪرڙن جي گاڈي گفٽ ڪئي زردادي صاحب 1 ڪروڙ 60 لک روپيا ڏئي گهر کڻي ويو. جنرل پرويز مشرف 4 ڪروڙ جا تحفا 55 لک ڏئي کڻي ويو جنهن ۾ 2 پسٹل به هئا جيڪي امريڪي وزير دفاع رميز فليد جنرل مشرف کي گفٽ ڪيا اهي صرف 19 ھزار روپيا ڏئي گهر کڻي ويو جنهن مان هڪ پسٽل امير مقام کو گفٽ ڪيو جنرل مشرف. رياست جي بدنامي ۽ سربراه جي نا اهلي کانپوء گڏيل پارلياماني ۽ عدالتي ڪميٽي جوڙي قانون پاس ڪيو وڃي ته سمورن سربراهن کان گفٽ واپس ڪرائي ميوزيم ۾ رکيا وڃن آئينده ڪو به سربراه يا اعلا شخصيت ٻاهر دؤرن تي وڃن ته مليل تحفا جمع ڪرائين.