دادو ۾ مقتول دانش جمالي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا

دادو (ڊ ر)دادو ۾ 6 ڏينھن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل مزدورآباد واسي نوجوان دانش جمالي جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا، نئون مقرر ٿيل ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو قتول نوجوان جي وارثن وٽ پھچي ويو، وارثن  سان تعزيت، قتل واري جاء جو بہ معائنو ڪيو.ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو شھيد جي وارثن کي يقين ڏياريندي چيو تـ  جلد قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو  ياد رھي تـ شھرين توڙي سول سوسائيٽي پاران  سوشل ميڊيا تي پڻ ٽرينڊ ھلي پيو تـ قاتل جلد  گرفتار ڪيا وڃن شھيد دانش جمالي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں