دولتپورصفن (ن س) دولتپورصفن ۾ قاضي احمد تعلقي جي 40 پلس آئي بي اي پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ڏيڻ خلاف دولتپورصفن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.اُن موقعي تي اڳواڻن بشير احمد ڏاهري ، سڪندر پيرزادو ، حنيف عباسي ، الاهي بخش اوٺو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي شهيد بينظير آباد جي ٻين دوڙ ، نواب شاه ۽ سڪرنڊ تعلقن ۾ 41 مارڪون کڻندڙ آئي بي اي پاس اميدوارن کي ماستري جا آفر آرڊر ڏنا ويا آهن ۽ هر تعلقي کي 300 ماسترن جون سيٽون ڏنيون ويون آهن پر قاضي احمد تعلقي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي ۽ صرف 160 ماستري جون سيٽون ڏنيون ويون آهن ، جنهن ڪري 47 مارڪون کڻندڙ اميدوار به رهجي ويا آهن ، جيڪو سراسر ظلم آهي ، هنن چيو ته هڪ ضلعي ۾ هڪ قانون هئڻ گهرجي پر صرف قاضي احمد تعلقي کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي جنهن سبب 40 کان 47 آئي بي اي پاس اميدوارن ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، هنن وزير اعلي سنڌ ، تعليم جي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته سڄي سنڌ جيان قاضي احمد تعلقي جي اميدوارن کي به ايس ٽي آر جي بنياد تي سيٽون ڏئي 40 پلس اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.
