شھدادڪوٽ: قمبر روڊ کي ٻوڏ دوران ڏنل ڪٽ بند نه ڪرڻ خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ (ڊ ر) شھدادڪوٽ جي قمبر روڊ کي ٻوڏ دوران ڏنل ڪٽن کي مڪمل طور نه ڀرڻ خلاف شھري ۽ قومپرست ڪارڪن سراپا احتجاج بڻجي ويا. جيئي سنڌ محاذ ۽ غريب آباد نوجوان اتحاد طرفان ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جتي مڇريل شھرين حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن حبدار ميرجت، پپن مگسي، الله داد خشڪ، ذوالفقار ميرجت، معتبر چانڊيو، انور مغل، بچل باغي، آصف منگي، آصف لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 2 مھينا اڳ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء قمبر روڊ کي ڏنل ڪٽ حڪمرانن جي لاپرواھي سبب مڪمل بند نه ڪيا ويا آهن جنهن ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ حادثي ۾ 2 ڳڀرو نوجوان فوت ٿي ويا ھئا ۽ گذريل رات وري ڪراچي واري ڪوچ اونڌي ٿي پئي جنهن ڪري ڪيترائي معصوم ٻار، عورتون ۽ بزرگ زخمي ٿي پيا پر افسوس آهي ته حڪمران ۽ نااھل انتظاميا صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته انسانيت جو کين ڪو خيال ڪو نه اٿن. ھنن مطالبو ڪيو ته ڪٽن کي مڪمل طور ڀري روڊ تي تعمير ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج کي وسيع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں