عمران خان کي جمهوري طريقي سان گهر موڪليو، عدليا ۽ گيٽ نمبر 4 ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي: بلاول

لاهور (بيورو) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پهريون وزيراعظم هو، جنهن کي جمهوري طريقي سان گهر موڪليو ويو. لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪنهن به وزيراعظم کي هٽائڻ جو جمهوري طريقو بي اعتمادي آهي، عمران خان سليڪٽڊ وزيراعظم هو پر اسان کيس جمهوري طريقي سان گهر موڪليو. هن چيو ته ماضي ۾ گيٽ نمبر 4 ۽ عدليا ذريعي وزيراعظم گهر موڪليا ويا، اسان کي عدليا ۽ گيٽ نمبر 4 ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي، مستقبل ۾ ڪنهن وزيراعظم جو احتساب ڪرڻو هجي ته جمهوري طريقي ڪار استعمال ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته عمران خان معيشت کي نقصان پهچايو، جنهن جو بار اڄ پاڪستاني عوام تي پئجي رهيو آهي، اسان پاڪستان جي معيشت کي بچايو، عوام کي ڏکيائين مان ڪڍيو، سياسي قيمت ادا ڪري پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ڏيوالي کان بچياسين ته ٻوڏ اچي وئي، متاثر علائقن ۾ هاڻ به ماڻهو پريشان آهن، سڄو پاڪستان متاثر ٿيو آهي، اسان سڀني کي گڏجي متاثرن جي مدد ڪرڻي پوندي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، منهنجي درخواست آهي ته سياسي معاملن ۾ ٻوڏ متاثرن کي نه وساريو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان گڏجي پاڪستان ۾ جمهوريت جو بچاءُ ڪنداسين، ڪوشش ڪنداسين ته نئين نسل کي انتهاپسندي کان بچايون، مذهبي ۽ سياسي انتهاپسندي جو مقابلو ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اسلام آباد جو گهيرو سياسي انتهاپسندي آهي، ڀارت، آمريڪا ۽ يورپ ۾ به سياسي انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون جمهوريت تي يقين رکن ٿيون، عاصمه اڄ هجي ها ته پڇي ها ڊيل ڪري پرڏيهي وزير ته ناهيو بڻيا؟ مان کيس جواب ڏيان ها بلڪل نه.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں