ملير ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ صحت کاتي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

ملير(ڊ.ر) صحت کاتي ۾ هيلٿ رسڪ الائونس، يوٽيلٽي الائونس، ٽائم اسڪيل ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ گرينڊ هيلٿ الائنس ملير پاران شميم اختر، عمر فاروق، حُنين ايوب، ڊاڪٽر عبيد اسلم، ڊاڪٽر نور حسين، اسما بلوچ، جنيد ميمڻ، زيب جمال، فهميده، صائقه حبيب، سلمه ڪريم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن پاران ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، مظاهري ۾ ڊاڪٽرن، هيلٿ ورڪرن، نرسنگ اسٽاف سميت صحت کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان ڪرونا دوران پنهنجيون زندگيون داءَ تي لڳائي قوم جي خدمت ڪئي ۽ ڪرونا جهڙي موذي مرض جنهن سبب سوين جانين جو نقصان پڻ ٿيو اهڙي صورتحال ۾ صحت کاتي جي ملازمن قوم جي خدمت ڪئي، ان کانسواءِ پوليو ۽ ٻين معاملن تي صحت کاتي جي ملازمن پنهنجيون زندگيون داءَ تي لڳايون ۽ سخت مشڪلاتن کي پڻ منهن ڏنو، اهڙي موقعي تي سنڌ حڪومت پاران ملازمن لاءِ هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جيڪو ڪجهه وقت ڏيڻ بعد بند ڪيو ويو، هنن چيو ته ٻين صوبن جي ملازمن کي هيلٿ رسڪ الائونس، ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽرڪچر ۽ يوٽيلٽي الائونس ڏنا وڃن ٿا پر سنڌ جي ملازمن کي اهي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن جيڪا صحت کاتي جي ملازمن سان زيادتي آهي اڳواڻن چيو ته صحت کاتي جي صوبائي وزير چوي ٿي ته ٻيا ملازم ملي ويندا جنهن کي اسين هڪ سازش سمجهون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ملازمن سان سچي ناهي ۽ اهي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ گهرن ٿا اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريو ته صحت کاتي جي ملازمن جا مطالبا فوري طور تي نه مڃيا ته پوليو ڪمپئين، ڪرونا، اي پي آءِ ۽ او پي اي جو ان وقت تائين مڪمل بائيڪاٽ رهندو جيستائين اسان جا مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن، وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي وزير صحت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارن کي اپيل آهي ته فوري طور تي مطالبا منظور ڪري اسان کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں