ميلبورن (م ڊ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ ڀارت ساهه سُڪائيندڙ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڀارت پاڪستان طرفان مليل 160 رنسن جو هدف دلچسپ مقابلي کانپوءِ 6 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي حاصل ڪيو. هدف جو پيڇو ڪندي ڀارتي ٽيم ڏکيائين جو شڪار نظر آئي، اننگز جي شروعات ۾ ئي نسيم شاهه، ڪي ايل راهول کي 4 رنسن تي آئوٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ حارث رئوف ڪپتان روهت شرما کي 4 ۽ سوريا ڪمار کي 15 رنسن تي پويلين موٽائي ڇڏيو، جڏهن ته اڪشر پٽيل 2 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ڀارت جون 31 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪِري پيون، ان موقعي تي ويرات ڪوهلي ۽ هارديڪ پانڊيا ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو. ٻنهي پنجين وڪيٽ لاءِ 113 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، پانڊيا 40 رنسون ٺاهي نواز جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ويرات ڪوهلي ناقابل شڪست 82 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي فتح ڏياري ڇڏي. پاڪستان طرفان محمد نواز ۽ حارث رئوف 2-2، جڏهن ته نسيم شاهه هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون. قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم کاتو کولڻ بنا ارشديپ سنگهه جي بال تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته محمد رضوان به 12 رنسون ٺاهي سگهيو، ان کي به ارشديپ پويلين موٽايو. پاڪستان طرفان افتخار احمد ۽ شان مسعود ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي وڏي اسڪور تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. افتخار احمد 51 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته شان مسعود 52 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. شاداب خان 5، حيدر علي 2، محمد نواز 9، آصف علي 2، شاهي آفريدي 16 ۽ حارث رئوف 6 رنسون ٺاهيون. ڀارت طرفان ارشديپ ۽ هارديڪ پانڊيا 3-3، جڏهن ته ڀونيشور ڪمار ۽ محمد شامي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
