بدين(رپورٽ: مرتضيٰ ميمڻ) سنڌ جي صحت کاتي جي ملازمن پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪوت طرفان ھيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ جي فيصلي خلاف صحت کاتي جا ھزارين ملازم روڊن تي اچي ويا آهن. تفصيل موجب صحت کاتي جي ملازمن تي جڙيل گرينڊ الائنس جي سڏ تي سنڌ حڪومت طرفان صحت کاتي جي ملازمن کي گذريل ٻن سالن کان ملندڙ صحت رسڪ الائونس ختم ڪرڻ جي فيصلي سميت پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ينگ نرسسز ايسوسيئيشن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي سوين ملازمن ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪرن طرفان ڊي ايڇ او آفيس کان بدين پريس ڪلب تائين رابرٽ جان عرفان ميمڻ حنيف سومرو فرزانا جتوئي راشدا نظاماڻي جي اڳواڻي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري درڻو ھنيو ويو ھنن ملازمن جو مطالبو آهي ته صحت رسڪ الائونس سميت سندن ٻيا جائز مطالبا مڃيا وڃن ھنن اعلان ڪيو ته ھو سڀاڻي (اڄ) پنهنجن مطالبن جي حق ۾ ڪراچي ۾ ڌرڻي ۾ ڀر پور شرڪت ڪندا ۽ مطالبن جي مڃتا تائين پوليو مھم جو بائيڪاٽ جاري رھندو.
