تلهار (ن س) اسان جو وچن آهي ته تلھار جي معيشت کي ترقي ڏيارينداسين، اسان جي خواهش آهي ته هتي نه رُڳو زميندار پر هاري به خوشحال هجن، راجه ممتاز خواجه، مسٽر ڊائي رپورٽ موجب تلھار جي مين حيدرآباد بدين هائي وي لڳ هڪ نجي ٻج جي ڪمپني گارڊ هائبرڊ جي سالياني تقريب ٿي گذري، جتي وڏي انگ ۾ ضلعي بدين توڙي ٽنڊومحمد خان جي نامور آبادگارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي تعلقه ڊيلر راجه ممتاز خواجه ، گارڊ ڪمپني جي سي او مومن علي ملڪ ، جنرل مينيجر محمد رضوان يونس ، چائنيز ايڪسپورٽ مسٽر ڊائي سميت ڪمپني جي آفيسرن آبادگارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جو وچن آهي ته تلهار ۽ پسگردائيءَ جي معشيت ترقي جون تمام منزلون طئه ڪري هتي نه رُڳو زميندار پر هاري پورهيت سمورا خوشحال هجن انهي ڪري اسان پنهنجي علائقن جي آبادگارن کي بهترين ورائٽي وارو ٻج هائبرڊ گارڊ ڏيندا آهيون جنهن جو نتيجو جنهن جي اپت فائدا توهان سڀني کان لڪل ناهن هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪمپني جي ٻج جي گهرج هر سال وڌيڪ ٿئي پئي اهو صرف توهان آبادگار ڀائرن جو اعتماد آيل مهمانن کي کي سنڌ جي ڀلوڙ سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. جڏهن ته ڪمپني طرفان لکين رپين جا روڪ انعام جنهن ۾ موٽر سائيڪل ۽ مختلف شيون ڪوپن ذريعي مفت ڏنيون ويون.
