حيدرآباد ۾ سنڌ جي يگاني عاشق ماما جمن دربدر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو،زبردست ڀيٽا پيش

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)تعزيتي ميڙاڪي ۾ جسقم سينيئر اڳواڻ آصف بالادي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي وائيس پريزيڊنٽ امير آزاد پنھور  قومپرست اڳواڻ غلام نبي کٽي سنڌ صوفي فورم جي ڪنوينر ڊاڪٽر بدر چنا سنڌ ھندو ڪائونسل جي چيئرمين سورج ڪمار ڪوھستاني، انجنيئر اصغر قريشي، ھدايت قريشي، سينيئر صحافي فاروق سومرو، سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مھيش ڪمار، ڊاڪٽر کيمچند سچديو، سنڌ ٽي وي حيدرآباد جي بيوروچيف ظفر ھڪڙو، ڪلياڻ اخبار جي ايڊيٽر الله بخش ڪنڀر، آواز ٽي وي جي سينيئر صحافي اسد منڱريو، عوامي آواز جي سينيئر صحافي جبار ڪابورو، نوجوان راڳي وقار ملاح، جسقم اڳواڻ غفار مھر، جسقم اڳواڻ لياقت ملاح، سن نيوز جي نوجوان صحافي علي منڱريو، ايڪتا ٽي وي جي نوجوان صحافي فرحان منڱريو، نوجوان صحافي وقار ھيسباڻي، رياض جمالي، شاھجان ملاح ۽ ٻين وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ميڙاڪي ۾  آيل تمام مھمانن کي محترم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي طرفان آجياڻو پيش ڪيو ويو جڏھن ته جبار ڪابوري اسٽيج جون ذميواريون سنڀاليون تعزيتي ميڙاڪي ۾  ماما جمن دربدر جي تصوير رکي آڏو گل نڇاور ڪري ڏيئا ٻاري ڀيٽا ڏني وئي جڏھن ته نوجوان راڳي وقار ملاح پاران ماما جمن کي لطيف جي وائي ۽ ماما جمن جي شاعري ڳائي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ماما جمن پنھنجي جسماني وڇوڙي بعد قوم کي جاڳائي ويو آھي ھو ھڪ تمام عظيم انسان ھو جنھن سڄي عمر رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪندي سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ جدوجھد ڪئي ڪير ڪيترو وڏو شاعر آھي ان کي فٽ فٽي سان ماپڻ جي ضرورت ناھي وڏو شاعر صرف اھو ناھي ھوندو جنھن سوين ڪتاب شاعري جا لکيا ھجن پر ماما جمن جي ھر سٽ انھن سرڪاري اديبڙن مٿان ڀاري آھي جيڪي ان جي وڇوڙي تي اڄ بغض جي باھ ۾ سڙي رھيا آھن اڳواڻن چيو ته اھڙو مان مرتبو موٽ ڪنھن منسٽر ۽ ڪنھن ملڪ جي وزير اعظم کي به نصيب نه ٿيندو آھي جيڪا محبت سنڌي قوم ماما جمن کي ڏني آھي اڳواڻن چيو ته ماما جمن جھڙي شخصيت جا ڪيترائي رخ آھن ھو ھڪ اھڙو قومي ڪارڪن ھو جيڪو پيرين پنڌ ڳوٺن ۾ وڃي فڪر جي ايم سيد جو پيغام پھچائيندو ھو ڪٿي راڳ وسيلي تي ڪٿي رقص ڪري به پنھنجو ميسيج پھچائيندو ھو ھو جيتري سادگي طبيعت جو مالڪ ھو ھو ڪردار جو ايترو ئي عظيم انسان ھو سنڌ ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جڏھن به ذڪر نڪرندو ته ماما جمن جي ڪردار ان ۾ سنھري لفظن ۾ لکيو ويندو اڳواڻن چيو ته ماما جمن پنھنجي شاعريء ذريعي ھميشا اسان سان گڏ رھندو ھن موت کي شڪست ڏئي ڇڏي آھي ـ ماما جمن جي ياد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان ٿيل ھن تعزيتي ميڙاڪي جي صدارت جسقم اڳواڻ آصف بالادي ڪئي جنھن ماما جمن جي سڄي عمر جي پورھئي ۽ قومي ڪم کي پنھنجي خوبصورت لفظن ۾ سھيڙيو ۽ ماما جمن سان زندگيء جون اھي تاريخي ۽ خوبصورت يادگيريون پڻ سمورن ساٿين سان ونڊ ڪيون ـ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں