دادو: هاءِ ڪورٽ جي سينئر ججن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف وڪيلن جو بائيڪاٽ

دادو (ن س) هاءِ ڪورٽ جي سينئر ججن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف دادو ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ، سوين ڪيس ملتوي. سنڌ بار جي سڏ تي دادو ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.بار ڪائونسل جي  وڪيلن صدر عبدالرسول عباسي، جنرل سيڪريٽري علي مرتضيٰ ٻٻر، محمد علي گوپانگ، مس شبيلا ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي احاطي ۾ احتجاج ڪيو ويو.مظاھرين جو چوڻ ھو تـ چيف جسٽس آف سنڌ ھاء ڪورٽ احمد علي شيخ سميت ٻين سينيئر  ججز کي سپريم ڪورٽ جي ججز مقرري لاء نظر انداز ڪيو ويو آهي. سينيئر  ججز جي ھوندي جونيئر  ججز جا نالا اماڻيا ويا آهن جيڪي سنڌ جي ججز سان ناانصافي آهي اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ۽ گورنمينٽ  آف پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪيون ته سينئر  ججز کي پروموٽ ڪري سپريم ڪورٽ آندو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں