لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان خان چانڊيو طرفان داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس امجد علي سهتو ڪئي جتي ميهڙ واقعي جي متاثر ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور ۽ سندس چاچي پرويز چانڊيو سميت جوابدار ڌر طرفان سندن وڪيل فرحت علي بگٽي پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت ٽرائل ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته ڪيس ۾ نامزد ايم پي اي سردار خان چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن مٿان ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪري روزانو جي بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري اهڙي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان حوالي سان ام رباب چانڊيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون کي پڪ آهي ته قانون قاتل سردارن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائي منهنجي وڏن جي بيگناهه خون جو حساب وٺي ڏيندو.
