اسلام آباد(بيوررپورٽ) قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ڏياري جي تقريب، آتشبازي ڪئي ۽ ڏيئا روشن ڪيا ويا وڏي انگ ۾ شاگردن جي شرڪت خبر موجب هندو برادري جي اهم تهوار ڏياري جي موقعي تي قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي سينٽرل لائبرري اڳيان شاگردن پاران ڏياري جي پروقار تقريب رکي وئي. جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي ۽ ڏياري جو ڪيڪ ڪاٽيو انهي موقعي تي ڳالهائيندي سنجئه پوري، انيش ڪمار، ذڪار سوڍو، ديپڪ ڪمار، راج ڪمار، اجئه، دليپ ڪشور ۽ ٻين چيو ته ڏياري حق ۽ سچ جي فتح جو جشن آھي جنهن کي ڀرپور طريقي سان گڏجي ملهايو ويندو آھي. قائد اعظم يونيورسٽي هر سال تقريب رکي ويندي آھي جنهن ۾ سمورن مذھبن سان تعلق رکندڙ شاگرد شرڪت هڪٻئي سان محبتون ۽ خوشيون ونڊيندا آھن.
