لاڙڪاڻو: لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ شاگردن جو انتظاميا خلاف احتجاج، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اسٽوڊٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري آف سائنس جي تعليم حاصل ڪندڙ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردن يونيورسٽي انتظاميه خلاف ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شاگردن عاقب احمد ابڙو، مزمل احمد جوڻيجو، اظهر ابڙو، اسامه دايو، اسامه ڀٽو، سرفراز سومرو، زين گل ميراڻي، بابر علي هليو ۽ ٻين دانهيو ته اسان سميت ٻه هزار کان وڌيڪ شاگردن ڊسمبر 2020ع ۾  شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايسوسئيٽ ڊگري آف سائنس، آرٽ ۽ ڪامرس ۾ داخلا ورتي، جنهن ۾ اسان 4500 روپيا ايڊميشن فيس به ادا ڪئي پر سال گذرڻ باوجود امتحان نه ٿي سگهيا تازو يونيورسٽي طرفان ٻوڏ جو جواز بڻائي 18 سيپٽمبر، 25 آڪٽوبر ۽ 15 نومبر تي ڌار ڌار امتحانن جو شيڊيول پڌرو ڪرڻ بعد تازو 24 نومبر جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو آهي،سپلا طرفان گذريل امتحانن دوران انويجيليٽرن کي رهتون ادا نه ڪرڻ سبب ٽئي ڀيرا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته اسان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري امتحانن جي تياري به ڪئي پر سال جو عرصو گذرڻ باوجود امتحان ڪو نه ٿي سگهيا آهن ويتر يونيورسٽي انتظاميه پاران ڪرپشن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ شاگردن جي امتحاني نتيجن، سلپ، سرٽيفڪيٽ ۾ ڄاڻي واڻي غلطيون ڪري شاگردن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري ڳاٽي ٽوڙ فيسون وصول ڪيون پيون وڃن. شاگردن سنڌ جي وڏي وزير، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ايسوسئيٽ ڊگري آف سائنس جو ٻن سالن 2020ع ۽ 2021ع جو گڏيل امتحان وٺي وڌايل فيسون گهٽائي شاگردن سان ناانصافي بند ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں