نااهلي فيصلو معطل ڪرڻ واري اپيل رد، عمران خان جي چونڊ وڙهڻ تي ڪابه پابندي ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي نااهلي جو فيصلو اڄ ئي معطل ڪرڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل علي ظفر عدالت ۾ دليل ڏنا. چيف جسٽس سوال ڪيو ته اعتراض ڪهڙا آهن؟ علي ظفر وراڻيو ته هڪ بائيو ميٽرڪ تصديق جو اعتراض هو، ٻيو اعتراض اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي تصديقي ڪاپي نه لڳائي وئي، اليڪشن ڪميشن فيصلو جاري ئي نه ڪيو، رڳو ٻه صفحا مليا آهن. عدالت چيو ان ڪيس ۾ تڪڙ ڪهڙي آهي؟ وڪيل چيو ته عمران خان کي نااهل قرار ڏنو ويو ۽ اڳتي چونڊ وڙهڻي آهي، اليڪشن ڪميشن ڪرپٽ پريڪٽس تي پراسيڪيوٽ ڪرڻ جو به چيو. جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪميشن رڳو شڪايت موڪلرائڻ جو چيو آهي، جڏهن ججمينٽ ئي ناهي ته عدالت ڪهڙي آرڊر کي معطل ڪندي؟ توهان رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪيو. عمران خان جي وڪيل چيو ته شارٽ آرڊر گڏ لڳايو آهي، چيف جسٽس پڇيو شارٽ آرڊر جي تصديقي نقل آهي؟ علي ظفر جواب ڏنو ته ان لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن کان گهرائي وٺي، اليڪشن ڪميشن ويب سائيٽ تي فيصلو جاري ڪيو پر اسان کي تصديقي ڪاپي نه ڏني. چيف جسٽس اطهر من الله چيو جيڪڏهن 3 ڏينهن ۾ توهان کي ڪاپي نه ملي ته اسان ان کي ٻيهر ٻڌنداسين، اسان به اڪثر ائين ڪندا آهيون، فيصلو انائونس ٿي ويندو آهي ۽ تفصيلي فيصلو پوءِ ايندو آهي، اسان کي اميد آهي ته ٽن ڏينهن ۾ توهان کي سرٽيفائيڊ ڪاپي ملي ويندي. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن جو تصديقي فيصلو اچڻ کان اڳ منع نامو جاري نٿو ٿي سگهي، جنهن تي وڪيل چيو اسان کي خدشو آهي ته اليڪشن ڪميشن فيصلو تبديل ڪري ڇڏيندي. چيف جسٽس چيو اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، فيصلو ڪيئن ٿو تبديل ٿي سگهي؟ اڳ به نااهلي ٿيندي رهي آهي، ڪو سياسي طوفان ناهي ايندو، جنهن قانون تحت عمران خان نااهل ٿيو اهو ته رڳو ان سيٽ جي حد تائين آهي، عمران خان ٻيهر چونڊ وڙهڻ چاهي ته وڙهي سگهي ٿو، مٿس چونڊ وڙهڻ تي ڪا پابندي ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں