اسلام آباد (م ڊ) ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف کي ڪينيا ۾ قتل ڪيو ويو آهي. ارشد شريف جي بيواهه جويريا صديق هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ مان پنهنجو دوست، مڙس ۽ پسنديده صحافي وڃائي ڇڏيو، پوليس ٻڌايو آهي ته ارشد شريف کي ڪينيا ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اپيل ڪئي ته اسان جي پرائيويسي جو احترام ڪيو ۽ بريڪنگ نيوز جي نالي تي مهرباني ڪري اسان جي فيملي جون تصويرون، ذاتي تفصيل ۽ ارشد شريف جي اسپتال ۾ ورتل آخري تصوير شيئر نه ڪيو. ڪينين ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ارشد شريف جي موت جو واقعو پوليس طرفان سڃاڻپ ۾ غلط فهمي جي نتيجي ۾ پيش آيو. ڪينيا جي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پوليس دعويٰ ڪئي ته ارشد شريف ۽ سندس ڊرائيور ناڪابندي جي مبينا ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي پوليس طرفان فائرنگ ڪئي وئي، مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ارشد شريف ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي پيو. ڪينيا ۾ ارشد شريف جي قتل جي واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس جي ڪم جي نگراني ڪندڙ شهري اداري انڊپينڊنٽ پوليس ۽ سائيٽ اٿارٽي چيو آهي ته ادارو پاڪستاني صحافي جي قتل جي جاچ ڪري رهيو آهي. اداري جي سربراهه اين ماڪوري نيروبي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪيجياڊو ڪائونٽي جي ٽنگا مارڪيٽ ۾ پاڪستاني شهري ارشد شريف کي مبينا طور پوليس قتل ڪري ڇڏيو آهي، جاچ لاءِ اسان جي ريپڊ ريسپانس ٽيم کي روانو ڪيو ويو آهي.
