نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز جي ڳوٺ نوح ڪلھوڙو جو رھواسي رياض ڪلھوڙو پراسرار طور گم ٿي ويو آهي مائٽن پاران اغوا جو شڪ، اين سي داخل ڪرائي وئي آهي ان سلسلي ۾ مائٽن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آهي سندس امڙ شمع ڪلهوڙو، ڀاءُ ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته اسان پنھنجي زمين تان مٽي کڻي رھيا ھئاسين تہ جوابدارن عبدالغني، عبدالحميد، عبدالعزيز، صدام، اڪبر ڪلھوڙي 13 آڪٽوبر تي اسان جي مٿان فائرنگ ڪئي جنھن سبب اسان زمين تان موٽي آياسين ته شام جي وقت اسان جي گھرن مٿان فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ واقعي بعد رياض ڪلھوڙو غائب آھي ۽ گهڻي ڳولا باوجود به ڪٿي ڏس نه ملي سگهيو آهي ان کان پوء شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي هن چيو ته پٽ رياض جي اغوا جي رپورٽ نوشهروفيروز ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت وس وارن عملدارن کي پٽ کي بازيابي ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.
