پکو ۾ ش ڀ ڪارڪنن ۽ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف مک روڊ تي ڌرڻو

پکو(ن س) پکو ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي صوبائي صدر زبير احمد جتوئي ۽ ڊويزنل صدر طاھر مغيري جي اڳواڻي ۾ سوين برسات متاثرن مين انڊس ھاءّ وي روڊ تي ڌرڻو ھنيو جنھن سان لاڙڪاڻو _ ڪراچي روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٻنھي طرفن کان مسافر گاڏيون بيھجي ويون جڏھن ته ڌرڻي ۾ رحيم بخش کوسو محبوب سيال قربان ڪلوڙ مجيد سيال يوسف پتوجو ستار جاگيراڻي سعيد بروھي قربان مغيري ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي اھڙي طرح روڊ بلاڪ ٿيڻ نتيجي ۾ ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشاني کي منھن ڏيڻو پيو ان موقعي تي ڌرڻي دوران پ پ شھيد ڀٽو صوبائي صدر زبير احمد جتوئي ۽ طاھر مغيري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته برساتن سنڌ سموري کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي فصل تباھ ٿي ويا آھن صحت کاتي نااهلي ڪري ڇتي ڪتي جي ويڪسين ۽ دوائون  نه ملڻ ۽ ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ راشڻ ٽينٽ ۽ گھر سروي ۾ ذاتي پسند نا پسند جي بنياد تي ڪم هلايو پيو وڃي ٻئي طرف شام تائين جاري رھندڙ ڌرڻي واري ھنڌ ڳالھين لاءّ ڪو به عملدار نه پھتو ھو ۽ مسافرن جي منٿن تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں