ڀٽ شاهه: سول سوسائٽي پاران هندو برادري سان ڏياري تقريب ملهائي وئي

ڀٽ شاھ (ن س) سول سوسائٽي پاران هندو برادري سان ڏياري گڏ ملهائڻ جي سلسلي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ھالا, ڀٽ شاھ، سعيد آباد ۽ مٽياري سان تعلق رکندڙ هندو پئنچات جي اڳواڻن سميت سياسي، سماجي، علمي و ادبي ۽ صحافي برادري جي معزز شخصيتن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڏياري جي تقريب ۾ سول سوسائٽي سنڌ جي اڳواڻ سيد گلفام شاهه، سردار اياز ميمڻ، ڪي ڪي،نارائڻ داس، رميش ڪمار، ديوان ڪندن لال، معراج رتن لعل ، جي رام، وجي ڪمار آهوجا ،منٺار ڀيل، عبدالرشيد ڏيٿو، رحمت الله ترڪ، شعيب ڪاڪا، عبدالرحيم ميمڻ، صحافي اشرف کماڻ، عبدالغفورميمڻ،رجب بوزدار، امير بليدي ، اشرف کماڻ ۽ ٻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڏيئا ٻاري مٺايون ورهايون ويون ۽ مبارڪ باد ڏيئي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي سول سوسائٽي ۽ هندو پئنچات اڳواڻن سيد گلفام شاهه، سردار اياز ميمڻ، ڪي ڪي نارائڻ داس، رميش ڪمار، منٺار ڀيل ۽ ٻين چيو ته ھالا سميت ضلعي مٽياري سان تعلق رکندڙ سمورين اقليتن برادرين جي عوام کي ڏياري جي تهوار تي دل جي گهرائين سان کين مبارڪون ڏيندي يقين ڏياريون ٿا ته هر ڏهاڙو ڀرپور نموني سان گڏجي ملهايو ويندو هڪٻئي جي ڏک سک ۾ گڏ هونداسين هندو پئنچات اڳواڻن سول سوسائٽي سنڌ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڀٽ شاھ ۽ ھالا سميت ضلعي مٽياري ڀر ۾ رھندڙ اقليتي برادري سدائين هتان جي مسلمان ڀائرن سان گڏ رهندي سندن هر خوشي کي پنهنجي خوشي محسوس ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. هتان جي مسلمانن پڻ ساڻن هرقدم تي ڀرپور ساٿ ڏيندي کين اقليتي محسوس ڪرڻ ناهي ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں