ڄامشورو ۾ شاگردن جي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه خلاف احتجاجي ريلي،ڌرڻو

ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي طرفان، سنڌ يورسٽي سان ايفيليٽيڊ سمورن لا ڪاليجن جي شاگردن جا وقت تي امتحان نه وٺڻ، سپلين جي ڳاٽي ٽوڙ فيسن، پئسا هڙپ ڪرڻ جي آڙ ۾ هٿ ٺوڪيون سپليون هڻڻ ۽ ٻين اهم مسئلن خلاف سنڌ يونيورسٽي سان افيليٽيڊ سمورين لا ڪاليجز سنڌ مهراڻ لا ڪاليج، سنڌ لا ڪاليج، جناح لا ڪاليج، انڊس لا ڪاليج، ايوريسٽ لا ڪاليج، نوشهورو فيروز لا ڪاليج  ۽ ٻين ڪاليجن جي شاگردن ابرار هاليپوٽو، ڪبير ڀيل، قدير شر، الطاف بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي اندر وي سي هائوس کان اي سي ٽو تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو،  ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي سان افيليٽيڊ هوندي به سنڌ يونيورسٽي سدائين قانون جي شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو آھي، قانوني ۽ آئيني لحاظ کان يونيورسٽي کي پنجن سالن جي ڊگري پنجن سالن ۾ ڏيڻ گهرجي پر يونيورسٽي انتظاميه غيرسنجيدگيءَ ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي اسان کي پنجن سالن جي ڊگري ستن سالن ۾ ڏئي ٿي نتيجن اسان جو قانون جي فيلڊ ۾ مستقبل تباهه ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا، شاگردن چيو ته افيليٽيڊ لا ڪاليجز ڪروڙن ۾ يونيورسٽي کي فيسون ڏيون ٿا انهن جي ٽرانسپورٽ کان ويندي ڪا به سهولت استعمال نٿا ڪريون پوءِ به يونيورسٽي انتظاميه جو رويو انتهائي غيرمناسب آھي. يونيورسٽي جي پنهنجن ڊپارٽمينٽس ۾ سپلي جي فيس هڪ هزار 1000 رپيه آهي پر اسان افيليٽيڊ لا ڪاليجز کان 5000 وٺي ٿي، اهو ڪهڙو قانون ۽ انصاف آھي، ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ جو 2018 ۾ ايل ايل بي پنج سال پروگرام جي مطابق هڪ  فيصلو آيل آھي جنهن ۾ واضح لکيل آھي ته پنجن سالن جي ڊگري پنجن سالن ۾ ڏني وڃي سپريم ڪورٽ جو فيصلو سمورن وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت، هاءِ ڪورٽ کي قانوني ۽ آئيني طرح لازمي مڃڻو آھي، پر هتي ان ايڏي فيصلي تي ڪو به عمل ناهي ٿيو. شاگردن وڌيڪ چيو ته اسان جا ٽي سيمسٽر رهيل آھن جيڪي يونيورسٽي انتظاميه 6 مهينن اندر لازمي طور اسان کان وٺي، سپلي جي فيس جيڪا 5000 آھي ان کي گهٽائي 1000 ڪري، هٿ ٺوڪيون سپليون هڻڻ بند ڪري جيڪڏھن يونيورسٽي انتظاميه اسان جي جائز مطالبن کي نه مڃيو ته  هاءِ ڪورٽ کان ويندي سپريم ڪورٽ تائين انصاف خاطر وينداسين. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڌرڻي واري هنڌ پهچي شاگردن کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي جنهن بعد شاگردن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں