گهوٽڪي (رپورٽ: ذوهيب اياز دايو)گهوٽڪي پ پ اڳواڻ ۽ سياسي سماجي شخصيت سليم الله خان ڪلوڙ ۽ ڊاڪٽر لطف الله ڪلوڙ پاران پنهنجي والده محرومه جي ايصال ثواب لاءِ هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ ڳوٺ چنگلاڻي ۾ لڳائي وئي. ڪيمپ جو افتتاح صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو ۽ ڄام آصف رزاق خان ڌاريجو ڪيو. ڪيمپ ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر محمد هاشم ڪلوڙ، ڊاڪٽر عبدالقادر مھر، ڊاڪٽر محمد نواز ڪلوڙ، ڊاڪٽر عبدالغفار سانگي، ڊاڪٽر طعيب، ڊاڪٽر عبدالرئوف، ليڊي ڊاڪٽر مديحه ڪلوڙ، ڊاڪٽر ثمينه مهر، ڊاڪٽر سعديه، ڊاڪٽر نسرين، ڊاڪٽر سڪينه ۽ ٻين ڊاڪٽرن هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري کين دوائون ڏنيون ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ڪيمپ ۾ موجود ڊاڪٽرن ۽ مريضن کان معلومات ورتي. ان موقعي تي ميڊيڪل ڪيمپ ۾ چيڪ اپ لاءِ آيل مريضن سليم الله خان ڪلوڙ، ڊاڪٽر لطف الله ڪلوڙ ۽ سندن ٽيم جي فلاحي خدمتن کي ساراهيو. شهرين جو چوڻ هو ته تازو برساتن کانپوءِ عوام جو وڏو تعداد معاشي مسئلن جو شڪار آهي. جنهن سبب کين بروقت ۽ بهتر علاج جون سهولتون نه ملي سگهيون آهن.
