ارشد شريف جو قتل، اداري تي الزام تراشي سان ڪير پيو فائدو وٺي؟ جاچ ٿيڻ گهرجي: پاڪ فوج

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ارشد شريف واقعي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، جاچ ان ڳالهه جي به ٿيڻ گهرجي ته ارشد شريف کي وڃڻو ڇو پيو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ارشد شريف واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي، حڪومت کي درخواست آهي ته اعليٰ سطحي جاچ ڪئي وڃي، وزيراعظم شهباز شريف ان واقعي تي ڪينيا جي صدر سان به ڳالهايو آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت طرفان افسوسناڪ واقعي جي مڪمل جاچ جو چيو ويو آهي، جاچ ان ڳالهه جي به ٿيڻ گهرجي ته ارشد شريف کي وڃڻو ڇو پيو، ان افسوسناڪ واقعي جا سمورا عمل ڏسڻ جي ضرورت آهي، ڪينيا جي پوليس غلطي تسليم ڪئي آهي پر ڪيترائي سوال ٿا اٿن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ارشد شريف پروفيشنل صحافي هو، بنا ثبوتن جي الزام هڻندڙن خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڏسڻو آهي ته ان واقعي کي بنياد بڻائي ڪير فائدو کڻي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں