حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سڄي دنيا جيان سنڌ جي ٻي نمبر وڏي شھر سنڌ جي ادبي سياسي مرڪز حيدرآباد ۾ به ڏياري جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي. ڏياري جي ڏڻ جي حوالي سان سڄي حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ تقريب ٿي رھيون آھن جڏھن ته حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد ۾ واڌو واھ روڊ لڳ ماتا مندر ۾ وال جي ٺاڪر پاران ديوالي جي حوالي سان تقريب منقعد ڪئي وئي جنھن ۾ سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌ ھندو ڪائونسل جي چيئرمين سورج ڪمار ڪوھستاني سنڌ ٽي وي حيدرآباد جي بيورو چيف ظفر ھڪڙو ايڪتا ٽي وي ڊيلي ايڪتا جي بيوروچيف انيل حب علي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فٽاڪا ڦاڙيا ويا ھڪ ٻئي کي مٺايون کارايون ويون اڳواڻن چيو سنڌ ھزارن سالن کان صوفين جي ڌرتي آھي جتي ھر مذھبي توڙي قومي ڏڻ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويندو آھي سنڌ جي ڌرتي دنيا کي امن پيار محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي تنھنڪري اسين ھر قسم جي انتھاپسندي کي رد ڪيون ٿا ھنن وڌيڪ چيو ت شال دراوڙن جي ديس ۾ ھميشا عيد ۽ ڏياريء جھڙيون خوشيون ھجن ۽ ٻوڏ سبب آيل سنڌ جي افق تي تڪليفن جا ڪارا ڪڪر ھميشا لاء ختم ٿي وڃن.
