حيدرآباد ۾ مادر سنڌ جيجي زرينه بلوچ جي 17 هين ورسي ملهائي وئي

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)  قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادر سنڌ جيجي زرينہ بلوچ جي 17ھين ورسي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون جي اڳواڻي ۾ الطاف خاصخيلي، رفيق احمداڻي، عباس پٺاڻ، ڊاڪٽر مجدد قريشي، نظيران قريشي، نصرت خاصخيلي، فرحانہ سولنگي، سنڌو ڪنراڻي، ڪائنات ڪنراڻي، ساجده ابڙو، زاھده شيخ، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، غلام نبي سومرو، اڪبر خاصخيلي سميت سوين ڪارڪنن قاسم آباد ۾ علمدار چوڪ ڀرسان مزار تي پھچي گلن ۽ اجرڪن جي چادر چاڙھي کيس شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ گيتن ذريعي مزاحمت ڪئي. ھن ون يونٽ  ۽ آمريت خلاف جدوجھد ڪئي، جنرل پرويز مشرف جي آمريت ۾ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن لاءِ عورتن ۽ لکين عوام سان گڏجي  لانگ مارچون ڪيون. الطاف خاصخيلي چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ جا گيت، ان جي تعليم ۽ ان جو ذريعي جا شاگرد اڄ جي آمريت خلاف ويڙھ ڪري رھيا آھن ۽ سڄي سنڌ کي جاڳائي رھيا آھن. جيجي زرينہ اياز لطيف پليجو جي صورت ۾ سنڌ کي اھڙو پٽ ڏنو آھي، جيڪو سنڌ جو آواز بنجي ويو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر زينت سمون چيو تہ سنڌ کي جيجي زرينہ بلوچ جھڙين مائرن جي ضرورت آھي، جيڪي آمريت، ظلم، خراب حڪمراني خلاف ھر وقت جدوجھد جي ميدان تي رھيون. ٻئي طرف ورسي جي موقعي پيغام ڏيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته جيجي زرينا بلوچ سنڌ جي لکين نوجوانن جي جيجي سنڌ جي لکين انھن ٻارڙن جي ماءُ، جيڪي ان وقت شايد تنجڻن يا جھولن ۾ ھئا، جڏھن جيجي ڳائيندي ھئي منھنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مان پاڻي تي ٿي وڃان. انھن سڀني ٻارڙن جي ماءُ، سنڌ جي انقلابي، قومي ۽ طبقاتي جدوجھد سان سلھاڙيل، ان سان موتين وانگر پويل آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته جيجي زرينا بلوچ ڪنٽيونٽي ھئي، تسلسل ھئي، انھن ام ڪلثومن جي, وڪٽر ھارائن جي، انھن ماڻھن جي جيڪي رڳو گيت ڪونهي ڳائيندا ھئا، جيڪي ميدان ۾ جڏھن به سڏ ٿيندو ھو، جڏھن به سنڌ تي مشڪل گھڙي آئي، ان وقت فنڪار کان جنھن وقت توقع فن جي ھجي، اوڏي مھل فنڪار ڀلي پينٽنگس ٺاھي، گيت لکي، ڌنون ٺاھي، ڪھاڻيون لکي، افسانا لکي پر جيڏي مھل قوم حالت جنگ ۾ ھجي، ان وقت فنڪار گھر ۾ ويھي پئنٽنگ ويٺو ڪري ۽ ويٺو نظم لکي نہ، اوڏي مھل ميدان ۾ اچڻو آھي، تنھن جي ڪري سنڌ تي جڏھن به اھڙو ڪو وقت آيو، جڏھن بہ مشڪل گھڙي آئي، ان وقت جيجي ھر ميدان ۾ پنھنجو پاڻ کي اچي ارپيندي ھئي، کيس پڪڙي ڪونهي آندو ويندو ھو، جيجي پاڻ ٻين کي سڏيندي ھئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں