خيرپور ( ڊ ر ) پاڪستان جي بهادر صحافي ارشد شريف کي ڪينيا ۾ سازش تحت قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف پريس ڪلب خيرپور جي صدر خان محمد سولنگي اڳواڻي ۾ صحافين احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ سينئر صحافي غلام قادر سمورو، خان محمد سولنگي، علي جعفري، جميل بلوچ، سليم رضا ، علي خان رند، شاهد نواز سيال، رضا جعفري، غلام مصطفيٰ ميتلو، خليل، شعيب، محسن، يوسف ، سرائي شهباز، عمران،تسليم، موسيٰ سيال، نواب خان سيال، ياسر سيال ۽ ٻيا موجود هئا، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي بهادر، باصلاحيت، حق ۽ سچ جي پاسداري ڪندڙ صحافي ارشد شريف کي ڪينيا ۾ سازش تحت گوليون هڻي بيدرديءِ سان شهيد ڪيو ويو آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته صحافين هميشه حق ۽ سچ لکڻ کي پنهنجي قلم ذريعي اعليٰ ايوانن تائين پهچائي، مظلومن جي حقن جي جنگ وڙهي آهي، پر افسوس آهي جو پاڪستان جي صحافين کي سچ لکڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، پر صحافين خلاف سازشو ڪندڙ ٻڌي وڻن ته سچ لکڻ وارو ڏوهه اسان ڪندا رهنداسين، توڙي جو اسان کي پنهنجي جان جا نظرانه ڏيڻا پون، مظاهرين گڏيل قومن جي ڪميشن، پاڪستان جي وفاقي سرڪار سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بيدرديءِ سان شهيد ڪيل صحافي ارشد شريف جي قاتلن کي گرفتار ڪري، سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ صحافين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ان موقعي تي ڪينيا جي حڪومت ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي،
