سنڌ زرعي يونيورسٽي جو نئون سفر…!!‎‎

سمير ساگر قريشي
سنڌ زرعي يونيورسٽي جو بنياد 1977 عيسويءَ ۾ حيدرآباد جي شھر ٽنڊي ڄام ۾ رکيو ويو. يونيورسٽي کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران زرعي شعبي ۾ پنجين بهترين يونيورسٽي جو اعزاز ھجڻ سان گڏو گڏ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي رڪنيت پڻ حاصل آھي. يونيورسٽي پنجن فيڪلٽيز، ٻن انسٽيٽيوٽ، ٽن لاڳاپيل ڪاليجن سميت ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ سينٽر تي مشتمل آهي. يونيورسٽي مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽ ڊگرين سان گڏوگڏ معياري تعليم پڻ فراهم ڪري رھي آھي. يونيورسٽي نه رڳو زراعت پر انجينئرنگ ۽ ٽيڪنالوجي واري شعبن ۾ پڻ ڊگريون فراھم ڪري رھي آھي. جنھن ۾ ڊاڪٽر آف ويٽرينري ميڊيسن، بيچلر آف انجنيئرنگ زراعت، بيچلر آف سائنس زراعت، بيچلر آف سائنس انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ سائنس ٽيڪنالاجي ۽ انگريزي شامل آهن. دنيا ۾ وڌندڙ ٽيڪنالوجي تي نظر رکندي يونيورسٽي پنھنجي تعليم سفر کي نئون رک ڏئي ھن سال پنھنجي تعليم نظام ۾ جدت آڻي وڌيڪ اٺن ڊگري پروگرامن کي متعارف ڪرايو آھي جنھن ۾ سافٽويئر انجنيئرنگ، انڊسٽريل انجينئرنگ، ڊيري ٽيڪنالوجي، بايو ٽيڪنالاجي، پولٽري سائنس، انوائرنمينٽل سائنس ۽ ڪمپيوٽر سائنس شامل آهن. يونيورسٽي بيچلر ڊگري پروگرامن سان گڏوگڏ ماسٽر، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ۽ تعليم پڻ ڏئي رھي آھي. يونيورسٽي ۾ معياري تعليم بيروني ملڪن مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندڙ تجربيڪار پروفيسرن ۽ استادن جي نگراني ھيٺ ڏني ويندي آهي. جيڪي ڪلاس جي پھرين ڏينھن کان وٺي آخري ڏينهن، ريسرچ ۽ پروجيڪٽ ورڪ تائين شاگردن جي ھڪ محسن جيان ھر موڙ تي رھنمائي ۽ مدد ڪندا رھن ٿا. نه رڳو ڪلاسن جي اندر پر ڪلاسن کان ٻاهر ڪينٽين کان وٽي ڦوٽو اسٽيٽ جي دڪانن تائين اوھان کي ھڪ بھترين ۽ دوستاڻو ماحول نظر ايندو. يونيورسٽي جي ھر شعبي ۾ ان جي معيار مطابق جديد مشينون ۽ اوزار موجود آهي. جنھن سان مختلف نوعيت جي تجربا پڻ ڪرايا ويندا آهن. يونيورسٽي ۾ پڙهائي سان گڏوگڏ مختلف ۽ اھم ڏينھن تي راندين جا مقابلا، شاگردن جي قابليت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريري مقابلا ڪرايا ويندا آهن. ۽ شاگرد جي حوصله افزائي ۽ تربيت لاءِ ترغيبي ڪلاس جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو آهي. جيئن اھي تعليم سان گڏوگڏ تربيت حاصل ڪري مستقبل جا سٺا ۽ ذميوار شھري ٿي اڀرن. ڊگري پروگرام مڪمل ڪرڻ تي بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويندو آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران نين ڊگري پروگرامن کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد سنڌ جي ھر طرح سان ترقي ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ اڀرندڙ شاگردن کي پاڻ ڏانهن توجهه ڏيارڻ آھي. آئون چاهيان ٿو اوھان به پنھنجي ٻارن کي زرعي يونيورسٽي مان اعلا تعليم ڏياري انھن کي مستقبل جو ڊاڪٽر، ريسرچر، پروفيشنل انجنيئر ۽ پروفيسر ڪري سنڌ جي ترقي ۾ پنھنجو حصّو وجھندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں