لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ ملان ابڙو جي رهواسين بااثر مائٽن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي محمد علي ابڙو پنهنجي ڀيڻ رحيمان خاتون، ڀيڻيوو عبداللطيف ابڙو، ڀاڻيجي سونيه، سويرا ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ ۾ منهنجي چار جريب زرعي زمين آهي جيڪا زمين مون کي پنهنجي ڀاءُ مرحوم عبدلاڪريم ابڙو چار سال اڳ لکت ۾ ڏني هئي جنهن جو کاتو پڻ منهنجي نالي تي آهي پر ڄاڻايل زمين تي بااثر ڀائٽي آصف ابڙو سندس پٽن علي ابڙو، ڪاشف ۽ ماروٽ غلام اصغر ابڙو سان گڏجي گذريل 15 ڏينهن کان زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي اهڙي شڪايت مون ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان ڪرڻ سميت حد جي باقراڻي ٿاڻي تي بار بار ڪيون پر پوليس منهنجي ڪائي به مدد ناهي ڪئي. هن چيو ته بااثر ڀائٽيو آصف ابڙو ۽ سندس پٽ زمين جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن مان اسان کي جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو پڻ آهي جنهن لاءِ منهنجي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن مائٽن ۽ باقراڻي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
