مرڻ وقت انسان ڇا محسوس ڪندو آهي؟

سڪندر چنو
جيڪڏهن توهان موت کي ڀاڪر پائيندي ڪنهن شخص کي ڏٺو آهي ته توهان غور به ڪيو هوندو ته ايئن لڳندو آهي جيئن اچانڪ ان جي منهن تي سڪون آيو هجي. پر ان دوران آخرڪار ان جي دماغ ۾ ڇا ڪجهه هلندو رهندو آهي؟ مري ويندڙ شخص جو منهن ڏسڻ سان ايئن لڳندو آهي ڄڻ اهو وڏي ڪنهن ننڊ ۾ سڪون سان آرامي هجي. ۽ ان جي منهن تي ڪيترائي اهم تاثرات ڏسڻ ۾ ايندا آهن. منهنجو هڪ عزيز انتقال وقت وڏي تڪليف ۾ هيو پر مرڻ کان پوءِ ان جو چهرو ڏاڍو چمڪي رهيو هيو. ۽ اچانڪ ايئن محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ هو وڏو خوش آهي. ڪيترن ئي سالن کان وٺي آءُ اهيو سوچيندو رهيو آهي ته ڇا زندگي جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن موت ڀاڪر ۾ ڪري ٿو ته پوءِ ڇا اهو ٽائيم زبردست خوشي ڏيڻ وارو هوندو آهي؟ ڇا اهو به ممڪن آهي ته مرڻ وقت جسم ۾ بيقراري کي ختم ڪرڻ وارو انڊور فن هار مون Indor Fun Harmon وڏي مقدار ۾ خارج ٿيندو آهي؟ ۽ عام طور تي ان وقت اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هڪ جنگ ڄڻ هلندي هجي. پر ڇا اهو به ممڪن آهي ته جسم موت کي وڏي خوشيءَ سان ڀاڪر پائيندو آهي؟ پيليئيٽيوڪيئر يعني تڪليف ۽ سور کان نجات ۾ مدد ڪرڻ جي سهولتن جي ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته موت جو عمل آخري ساهه کڻڻ کان هڪ هفتو اڳ شروع ٿيندو آهي. ان دوران ماڻهوءَ جي صحت متاثر ٿيڻ لڳندي آهي. جسم ڪمزور ٿيندو ويندو آهي. گهمڻ ڦرڻ ۾ ماڻهوءَ کي ڏکيائيون پيش اينديون آهن ۽ آخري ڏينهن ۾ اهو ماڻهو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو آهي. متاثر شخص ان جڳهه جي پهچڻ تائين اسان کي اهو سمجهڻ ۾ ايندو آهي ته بس ان جي ٻن ٽن ڏينهن جي زندگي باقي وڃي بچي آهي. پر ڏٺو ويو آهي ته ڪافي ماڻهو جو سموري عمل ۾ هڪ ڏينهن ۾ ئي گذر ٿي ويندو آهي. پر ڪيترائي ماڻهو زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هوندي يعني انهن جي سڪرات هڪ هفتي کان به وڌيڪ هلندي آهي. ۽ اها سڪرات ان جي عزيزن ۽ گهروارن لاءِ تمام تڪليف ڏيندڙ هجي ٿي. پر اهو سڀ ڪجهه هڪ قدرت جو جوڙيل قانون آهي ۽ موت کي وقتن بوقتن صحيح صحيح سمجهڻ انسان جي عقل کان گهڻو پري آهي. جيئن جيئن ماڻهوءَ جو موت ويجهو ايندو آهي تيئن ان جسم ۾ بيقراري پيدا ڪندڙ ڪيمڪل ۾ قدرتي طور اضافو ٿيندو آهي. ۽ ممڪن طور تي جسم ۾ موت جي وقت بيقراري کي گهٽ ڪرڻ وارو انڊر فن هارمون جو خارج ٿيندو آهي. پر ان بابت ڪابه يقيني ٺوس ريسرچ نه ٿي آهي. ان ڪري ان تي يقين نه ٿو ڪري سگهجي. دماغ مان خارج ٿيندڙ هڪ ٻيو هارمون سيروٽونن خوشي جي احساسن جو ذميدار هوندو آهي. 2011 ۾ هڪ تحقيق ڪئي وئي جيڪا ڪوئن جي مرڻ وقت انهن جي دماغ تي تحقيق ڪئي وئي جنهن مان ثابت ٿيو ته مرڻ وقت انهن هارمونين جو مقدار ٽي گنا وڌيڪ آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙو عمل انسانن ۾ به هجي. اڄ ڪلهه اهڙي ٽيڪنالاجي دنيا ۾ موجود آهي جيڪا اها ٻڌائي سگهي ته انسان ۾ انڊور فن ۽ سيروٽونن جو مقدار ڪيترو آهي. تنهنجي ڪري اهڙو مشورو ڏيڻ يا ان تي سوچڻ قابل غور ٿي سگهي ٿو. حالانڪ مرڻ واري جي آخري وقت ۾ ان جي رت جا نمونا حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو کي پهريائين ڪو سور ٻرو نه آهي ته پوءِ عام طور تي ان کي مرڻ جي ويجهو هوندي به سور ٻري جو مسئلو نه ٿيڻ گهرجي. مرڻ واري کي سور ٻري جي پريشاني هجڻ ضروري ناهي. ايئن ڇو ٿو ٿئي ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ۽ انهن جو لاڳاپو اينڊروفنس سان ٿي سگهي ٿو. جنگ جي ميدان ۾ به فوجين کي اڪثر ڪري درد جو احساس نه ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي توجهه ڪنهن ٻي هنڌ مرڪوز هوندي آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ايرين ٽريسي جي ريسرچ مطابق مذهبي عقيدا به ماڻهوءَ جو درد گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. ۽ مراقبو ڪرڻ سان به فائدو ٿيندو آهي. جڏهن جسم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ته ظاهره دماغ به متاثر ڏيندو آهي. آمريڪا جي سائنسدان جل بولٽ ٽيلر هڪ تجربو ڪيو آهي. ان ٻڌايو آهي ته ان ڪهڙيءَ طرح موت کي ويجهو محسوس ڪيو آهي. دلچسپ ڳالهه اهيا آهي ته بولٽ ٽيلر کي دماغ جي کاٻي پاسي ڌڪ لڳو هو ۽ ان کي سور ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ هو خدا جي ويجهو هجڻ جو ان جي اندر ۾ احساس پيدا ٿيڻ لڳو. منهنجي والد جو جڏهن انتقال ٿيو هيو ته ان وقت ان پنهنجي هٿ جي هڪڙي آڱر سڌي ڪئي هئي ڄڻ هو ڪنهن ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي پر اڪثر ڪري موت وقت اهيو به ڏٺو ويو آهي ته جيڪو شخص موت جي آخري وقت ۾ وڏي ڪشمڪش ۾ هجي ٿو ۽ جڏهن ان جو دم پرواز ٿيندو آهي ته ان جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيندا آهن. ان مان محسوس ٿئي ٿو ته مرندڙ شخص ظاهري دنيا کي ڇڏيندي ۽ پنهنجي بيوسي جو ڄڻ ته اظهار ڪندو هجي. ۽ اهو سوچيندو هجي ته آءُ سڄي زندگي رهي ڪري به شايد ڪجهه نه ڪري سگهيس يا جيڪڏهن ڪجهه ڪيو آهي اها سڀ ڪجهه هاڻي منهنجي نه رهي آهي. ان ڪري هو زمين ۾ دفن ٿيندي پاڻ کي محسوس ڪري رهيو هجي پر اصل شيءِ انسانن جي بيوسي آهي. جيڪو هو ڪجهه به ڪرڻ کان قاصر آهي. مرندڙ شخص کي غسل ڏيڻ ۽ سندس نماز پڙهائڻ کان وٺي ويندي قبر ۾ دفن ٿيڻ تائين هو رڙيون ۽ ڪوڪون ڪندو آهي ته آءُ زنده آهيان مون کي ڪيڏانهن کنيون پيا وڃو؟ پر جڏهن سندس کي قبر ۾ دفن ڪري سندس مٿان وڏي مقدار ۾ مٽي وجهي جڏهن سندس عزيز واپس ٿيندا آهن ته پوءِ ان جا احساس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن. ۽ پوءِ هو محسوس ڪندو آهي ته آءُ دنوي زندگي کان اصل زندگي ڏانهن اچي چڪو آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي سڏ واقعي جو ڪنهن به جواب نه ڏنو. مرڻ واري کي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ جيڪو فاصلو هوندو آهي اهو ختم ٿيندي محسوس ٿيندو آهي. ان جو مطلب اهيو به نه آهي ته مذهبي ماڻهن جو موت مذيدار هوندو آهي. اسين مذهبي ماڻهو کي مرڻ وقت بيچيني واري حالت ۾ ڏٺو آهي. ۽ هر موت مختلف ٿيندو آهي. توهان جي هٿ ۾ اها ڪابه شيءِ نه آهي ته موت ڪيئن ايندو؟ آءُ چند ماڻهو ننڍي عمر واري مرڻ وقت ڏٺا آهن ۽ محسوس ٿيندو آهي ته انهن جي لاءِ موت قبول ڪرڻ يا موت جو انهن جي لاءِ اچي چڪو آهي. ۽ موت جي وقت اهي بيچين هوندا آهن. مان انهن ماڻهن کي سڪون سان مرندي ڏٺو آهي جن جي زندگي جا آخري ڏينهن خوشحالي ۽ اطمينان ۾ گذري هجي. ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ماڻهن جا آخري ڏينهن به خوشحال ٿي سگهندا آهن. مرڻ وقت ڪنهن جي دماغ ۾ ڇا هوندو آهي ان حوالي سان ڪنهن وٽ به صحيح ڄاڻ نه آهي. سائنسدانن کي ڪجهه ڄاڻ ضرور آهي پر اهو سوال اڃان به هڪ راز آهي. تازو ڪجهه سائنسدانن هڪ تحقيق ڪئي آهي جنهن ۾ نيورو سائنس جي باري ۾ دلچسپ معلومات ملي آهي. اها تحقيقات جينز ڊرائر جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ برلن ۽ اوهائيو سنسناٽي يونيورسٽي ۽ چيريٽي يونيورسٽي جي سائنسدانن ڪئي آهي. اهڙي طرح سائنسدانن ڪجهه مريضن جي عضون جي نطام کي انتهائي ويجهڙائي سان ڏٺو آهي. اهي ماڻهو يا ته روڊ حادثي ۾ شديد زخمي ٿيل هئا يا انهن کي دل جو دورو پيو هيو. سائنسدانن معلوم ڪيو آهي ته موت وقت انسانن ۽ جانورن جو دماغ هڪ ئي طرح سان ڪم ڪندو آهي. ان تحقيق جو مقصد مرڻ وقت نه صرف دماغ جي نگراني ڪرڻ هيو بلڪه اهيا معلومات وٺڻ جي به ڪوشش هئي ته ڪهڙي طرح زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڪنهن کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو. اسان ڄاڻون ٿا ته مرڻ وقت جسم ۾ خون جي گردش رڪجي ويندي آهي ان جي اصل وجهه دماغ ۾ آڪسيجن جو گهٽ هجڻ هوندو آهي. ۽ ان صورتحال کي سريبرل اسڪيميا جزا چيو ويندو آهي. جنهن جي ڪري دماغ ۾ اليڪٽريڪل ايڪٽيوٽي مڪمل طور تي خارج ٿيندي آهي. سائنسدانن معلوم ڪيو آهي ته نون مان اٺن مريضن جي دماغ جا کليا موت کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن کي معلوم ٿيو آهي ته دماغ جا کليا ۽ نيو رونز دل جي ڌڙڪن بيهي وڃڻ کان پوءِ به ڪم ڪندا آهن. جڏهن جسم مري ويندو هي ۽ دماغ ۾ خون جي گردش رڪجي ويندي آهي ته مرڻ واري نيو رونز گهرڙا توانائي کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اليڪٽروميڪنيڪل توازن جي ڪري دماغ جا کليا تباهه ٿي ويندا آهن. جنهن جي ڪري ٿرمل انرجي نڪري ويندي آهي. ۽ پوءِ انسان مري ويندو آهي. تحقيق ۾ معلوم ڪيو ويو آهي ته موت اڄ ڪلهه جيترو طاقتور آهي ضروري ناهي ته مستقبل ۾ به اهڙو ئي طاقتور هجي. جينز ڊرائر جو چوڻ آهي ته ايڪسپينشنل ڊي پولارائيزيشن سيلولر ٽرانسفارميشن شروع ڪندو آهي ۽ پوءِ ختم ٿي ويندو آهي. پر اصل ۾ اهيو موت نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انرجي جي سپلاءِ کي بحال ڪندي ڊي پولرائيزيشن ڪوالٽ ڪري سگهجي ٿو. يعني مرڻ کان پوءِ جڏهن ماڻهو اکيون ٻوٽي ٿو ۽ ظاهري طور سندس جسم مان چرپر ختم ٿئي ٿي ته پوءِ هو گهڻو ڪجهه محسوس ڪري ٿو. ۽ پوءِ سوچي ٿو ته ڪاش جيڪڏهن آءُ چرپر ڪري سگهان زندهه هجان ته جيڪر ڀلائيءَ جا بهتريءَ جا ڪم ڪيان ۽ ماڻهن جي ڏک سور ۾ شامل ٿي سگهان پر پوءِ جيئن ته هو بي هٿيار ٿي وڃي ٿو ۽ الله جي پڪڙ ۾ اچي وڃي ٿو ان جي ڪري هو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان لاتعلق هوندو آهي. ان جي ڪري موت جو سوچيندي اسان جي سياستدانن کي سوچڻ گهرجي ته موجوده ٻوڏ واري صورتحال ۾ سنڌ جي عوام سان ڪنهن ناانصافي ڪئي آهي ۽ ڪٿي ٿي آهي. يقينن ان جو حساب الله تعاليٰ اک ٻوٽڻ کان پوءِ ضرور وٺندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں