ملير (ڊ ر) پاڪستان اسٽيل مل پورهيتن جي جوائنٽ ايمپلائز ايڪشن ڪميٽي پاران جبري برطرف ملازمن جي بحالي لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، جبري برطرف ملازمن جي بحالي جو فيصلو جلد ڪيو وڃي، پي ڊي ايم جي حڪومت وزير اعظم شهباز شريف ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل آهي ته ملازمن جي بحالي سميت پاڪستان اسٽيل مل کي مالي بحران مان ڪڍي ڪري جبري برطرف ملازمن کي بحال ڪيو وڃي، اڳواڻن جو مظاهري کي خطاب، خبر موجب پاڪستان اسٽيل مل پورهيتن جي جوائنٽ ايمپلائز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڌڻي بخش سمون،مرزا مقصود، نويد آفتاب، اڪبر ميمڻ،يوسف خٽڪ، اقبال مهر، سلامت مري، ڪامريڊ ماجد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾جبري برطرف ملازمن جي بحالي لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ پاڪستان اسٽيل جي مختلف پورهيت يونين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين پورهيتن جي بحالي ۽ اسٽيل مل جي بحالي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جبري برطرف ملازمن جي بحالي جو فيصلو جلد ڪيو وڃي، هنن چيو ته پاڪستان اسٽيل مان عمران حڪومت دوران ست هزار پورهيت ۽ آفيسر جبري طور تي برطرف ڪيا ويا هئا ۽ اداري کي خانگائڻ جو اعلان ڪيو هو،عمران حڪومت انصاف جو قتل ڪيو هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪيو ۽ اداري جي بحالي جا ناٽڪ کيڏيا، جڏهن ته اٺ مهينا گذرڻ جي باوجود موجوده حڪومت مالي بحران جي ور چڙهيل پاڪستان اسٽيل مل ۽ جبري برطرف ٿيل ملازمن جي بحالي جو فيصلو نه ڪري سگهي آهي، ست هزار کان وڌيڪ برطرف ملازمن پنهنجي بحالي لاءِ ڪورٽن ۽ حڪمرانن آڏو احتجاج جي باوجود سندن نوڪري تي بحال ڪرڻ ۽ قومي صنعتي اداري کي هلائڻ جو ڪوبه جوڳو قدم نه کنيو ويو آهي جون 2015 کان بند پيل پاڪستان اسٽيل مل مان هن وقت تائين 20 ارب روپين کان مٿي اداري ۾ پيل قيمتي ڌاتون، اعلي معيار جو اسٽيل ۽ مشينري چوري ٿي چڪي آهي چورين خلاف بن قاسم پوليس اسٽيشن تي اسٽيل مل جي سيڪورٽي ۽ متاثر کاتن جي انچارجن پاران فريادون داخل ٿيون پر نه ته چوريون واپس ٿيون نه ئي وري جوابدار قانون جي گرفت ۾ آيا، هننپي ڊي ايم جي حڪومت وزير اعظم شهباز شريف ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي ته ملازمن جي بحالي سميت پاڪستان اسٽيل مل کي مالي بحران مان ڪڍي ڪري جبري برطرف ملازمن کي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي ۽ اداري کي هلايو وڃي ته جيئن ملڪ جي معشيت کي هٿي ملي سگهي، هنن گُهر ڪئي ته موجوده انتظاميا نيازي حڪومت جي نوازيل آهي تنهن کي فلفور هٽائي پروفيشنل ماڻهو مقرر ڪري اداري جي بحالي جو ڪم ڪن.
