نوابشاهه ۾ بلديه کاتي جي ڪچن ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) بلديه نوابشاه جي ڪچن ملازمن پاران گذريل ٻن مهينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف عبدالله کوسو، لطيف چوڌري، مبارڪ رند، عبدالجبار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلديه آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون ته اسان بلديه نوابشاه جي ڪچن ملازمن کي صرف 9 ھزار پگھار ڏئي وڃي ٿي، جڏهن ته اھا پگھار به اسان کي وقت تي نٿي ڏني وڃي جڏهن ته اسان کي گذريل ٽن مھينن کان پگھار نه ڏني وئي آھي جيڪا سرار ناانصافي آهي، ھنن چيو ته بلديه نواب شاهه ھڪ سٺي انڪم ڏيندڙ ادارو آھي جڏھن ته ان کي ھٿ سان وٺي ڪمزور ڏيکاريو پيو وڃي، ھنن چيو ته ڪچن ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي ڪري آفيسر صرف پنھنجا کيسا ڀرڻ ۾ پورا آھن جڏھن ته انھن مان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں