نوشهروفيروز ۾ زاهد ۽ راهب جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر)ابڙان شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڏيڍ مهينو اڳ وڏيرن پاران گوليوهڻي قتل ڪيل زاهد علي ۽ راهب علي ميمڻ جا مک قاتل گرفتار نه ٿيڻ واري عمل خلاف سندن وارثن سياسي سماجي ڌرين پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان ديدارعلي،برڪت علي،نظام الدين،علي شيرميمڻ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي. ته . ايس ايس پي نوشهروفيروز عبدالقيوم پتافي وڏيرن جي ونگار وهندي سندن نوجوانن جي قتل ۾ ملوث اڳوڻي چيئرمين سيدظفرعلي شاهه،۽ تازو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبرسيدلطف علي شاهه۽ سندن ڀائرن مجاهدعلي شاهه،ذوالفقارعلي شاهه،راجا شاهه کي گرفتار ڪرائڻ جي لاءِ تيار ناهي پر ايف آءِ آر ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي اسان سمورا خاندان جا فرد مزدوري ۽ هارپور ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گزر ڪندا آهيو ن اسان پوليس کي لکين رپين جي رشوت ڪٿان ڏينداسين جڏهن ته اسان جي نوجوانن جي قتل ۾ ملوث ڀائر ابڙان شهر جا وڏيرا آهن جن نوشهروفيروز جي ايس پي عبدالقيوم پتافي کي 30 لک رپيا ڏنا آهن جيڪو قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي جيڪي سري عام ابڙان شهر ۾ هٿيار کڻي گهمي رهيا آهن ۽ اسان مٿان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌٻاءُ وجهي اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ چون ٿا ڪيس تان هٿ کڻو نت اوهان کي به قتل ڪري ڇڏينداسين اسان مسڪين ماڻهو آهيون ان ڪري ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي اپيل ٿا ڪيون ته ڪنهن ايماندار پوليس آفيسر کي مقرر ڪري اسان جي نوجوانن جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪرائي ٻئي صورت ۾ اسان پنهنجو احتجاج جاري رکنداسين

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں