پاسما پاران کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ملڻ تائين شگر ملز نه هلائڻ جو اعلان

ڪراچي (بيورو) شگر ملز مالڪن جي تنظيم پاسما کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ملڻ تائين شگر ملز نه هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، آبادگار اڳواڻن پاران پاسما جي اعلان تي اچرج جو اظهار ڪيو ويو. منظور وساڻ جي سربراهيءَ ۾ شگر ڪين بورڊ جو اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو سنڌ ۾ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر نه ٿي سگهيو. آبادگار اڳواڻن چيو آهي ته کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت وفاق ڏيندو آهي، پاسما پاران سنڌ جون شگر ملون نه هلائڻ وارو اعلان سمجهه کان ٻاهر آهي. آبادگارن پاران شگر ملز فوري طور چالو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ڪمند جو في مڻ اگهه 350 رپين کان 400 رپين تائين مقرر ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں