ڀارت ڄائو رشي سونڪ برطانيا جو نئون وزيراعظم مقرر

لنڊن (م ڊ) برطانيه جي بادشاهه چارلس ڀارتي ڄائي رشي سونڪ کي ملڪ جو نئون وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو آهي. بڪنگهم پيلس تصديق ڪئي آهي ته بادشاهه چارلس ٽيون رشي سونڪ کي برطانيه جو نئون وزيراعظم مقرر ڪيو آهي. وزير اعظم مقرر ٿيڻ کان پوءِ ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تي پنهنجي پهرين تقرير ۾ رشي سونڪ اڳوڻي وزيراعظم لز ٽرس کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته برطانيا هن وقت وڏي معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن سبب کيس وزيراعظم جي عهدي لاءِ چونڊيو ويو آهي ته جيئن هو گذريل حڪومت جي غلطين کي درست ڪري سگهي. نئين چونڊيل وزيراعظم چيو ته لز ٽراس تبديلي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي پر هن ڪجهه غلطيون ڪيون. رشي سونڪ چيو ته بورس جانسن وزيراعظم جي حيثيت سان جيڪي قدم کنيا ان تي هو هميشه ان جو شڪر گذار رهندو، هاڻي حڪومت هر سطح تي ايماندار، پروفيشنل ۽ جوابده نظر ايندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں