ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان الحاق سرڪاري ۽ نجي لا ڪاليجن جي پرنسيپالن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايل ايل بي ۾ 5 سالا پروگرام سيڪنڊ سيمسٽر جا امتحان 2021ع ايندڙ مهيني 10 نومبر کان 29 نومبر تائين منعقد ڪرائڻ بعد ڪلاس ڊسمبر 2022ع کان فيبروريءَ تائين هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سمورا لا ڪاليج 15 فيبروريءَ تائين يونيورسٽيءَ کي هلايل ڪلاسن جي پروگريس رپورٽ ڏيڻ جا پابند هوندا. سيڪنڊ سيمسٽر جا امتحاني نتيجا ايگزامينرس جي سهڪار سان جنوري 2023ع جي آخر يا فيبروري ۾ جاري ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته فرسٽ سيمسٽر جا ڪلاس ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروريءَ تائين هلايا ويندا، جنهن بعد 15 مارچ تي لاڳاپيل ڪاليج يونيورسٽيءَ کي لکت ۾ ٻڌائيندا ته ڪورس ڪيترو مڪمل ٿيو آهي، جنهن جي آڌار تي مارچ 2023ع ۾ فرسٽ سيمسٽر جي امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. اجلاس ۾ 4 پرنسيپالز تي مشتمل هڪ ڪاميٽي پڻ قائم ڪئي ويئي، جيڪا ڊسمبر ۾ ونٽر ويڪيشن ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪندي. اجلاس ۾ امتحانن بعد اپريل، مئي ۽ جون ۾ ٻئي سيمسٽر جا ڪلاس هلايا ويندا. ٽيچنگ مڪمل ٿيڻ بعد آگسٽ ۾ امتحان وٺي فائنل جي شاگردن کي فارغ ڪيو ويندو. 2023ع جي بئچ جي ٽيچنگ لاءِ 4 مهينا ملندا، جنهن ۾ پهرئين سيمسٽر جو ڪورس مڪمل ٿي ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته 3 سالن وارو ايل ايل بي پروگرام پاڪستان بار ڪائونسل جي فيصلي موجب 2021ع ۾ ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي جن به ڪاليجن وٽ ايل ايل بي 3 سالا پروگرام جا فيليوئر شاگرد موجود آهن، انهن ڪاليجن کي سالياني ايفيليئيشن فيس يونيورسٽيءَ کي ادا ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ مختلف پرنسيپالن جي درخواست تي 2022ع بئچ لاءِ داخلائن ۾ 28 آڪٽوبر 2022ع تائين واڌ جي به منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته اڄ جي ميٽنگ جو مقصد 10 نومبر کان طئه ڪيل امتحانن جا فارم جلد يونيورسٽيءَ کي موڪلڻ سميت رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ آهي ته جيئن تعليمي نقصان جو ازالو ڪري سگهجي. هن چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف لا جا 70 کان وڌيڪ شاگرد جج ۽ لا آفيسر ٿيا آهن. هن چيو ته ايل ايل بي جي پيپرن ۾ فارمولو اهو آهي ته 40 مارڪون ڪاليج انتظاميا جي هٿ ۾ آهن، جڏهن ته 60 مارڪون پيپرن جي چيڪنگ تي آهن ۽ اهي پيپر به شاگردن کي پڙهائيندڙ استاد پاڻ سينٽرلائيزڊ سسٽم تحت يونيورسٽي اچي چيڪ ڪن ٿا. هن چيو ته مارڪون گهٽ ملڻ يا وڌيڪ شاگرد فيل ٿيڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو ان ۾ ڪنٽرولر جو عمل دخل آهي. هن چيو ته لاڳاپيل لا ڪاليج 10 سيڪڙو اسڪالرشپ واري قانون تي به عمل ڪن ۽ غريب شاگردن جي مالي مدد ضرور ڪن، جيڪو سٺو ڪم آهي. اجلاس ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، سالياني امتحانن جو ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو، سيمسٽر امتحانن جو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ۽ سمورن لاڳاپيل لا ڪاليجن جا پرنسيپال موجود هئا.
