ڄامشورو ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين بورڊ آف گورنرس جو تعارفي اجلاس

ڄام شورو(پ ر) سنڌي ادبي بورڊ جي نئين بورڊ آف گورنرس جو تعارفي اجلاس چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن سيد شبير شاهه ”هاتف“، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر ڪريم خواجه، سرفراز راڄڙ، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ميڊم نذير ناز ۽ ميڊم ممتاز ڀٽو شريڪ ٿيا. جڏهن ته ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ذاتي مصروفيتن سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا. اجلاس ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو آئين ۽ مالي سال 23-2022ع لاءِ تيار ڪيل سالانه بجيٽ اتفاق راءِ سان پاس ڪئي وئي ان کان پوءِ ٻوڏ ستايل قلم ڌڻين جي واهر لاءِ بورڊ آف گورنرس سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته جلد کان جلد هڪ مخصوص فنڊ قائم ڪري متاثر ٿيل اديبن، شاعرن، ليکڪن، سگهڙن ۽ فنڪارن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي، ٻئي طرف چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جا سڀئي ملازم شريڪ ٿيا، سمورن ملازمن طرفان چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” صاحب سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندن سرپرستي هيٺ وڌ کان وڌ اداري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ان کان علاوه بورڊ جي شعباتي سربراهن سان پڻ گڏجاڻي ڪئي وئي. جنهن ۾ بورڊ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن بابت بريفنگ ورتي ۽ هدايتون جاري ڪيون ته سينيئر ۽ نوجوان اديبن ۽ شاعرن سان رابطو ڪري بورڊ جي ٽنهي رسالن لاءِ نڪور لکڻيون حاصل ڪيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں