ڏوڪري(ن س)زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ۾ “دالين جي پيداوار ۽ ملندڙ آمدني” جي عنوان سان ھڪ ڏينھن جو سيمينار ٿيو،سيمينار ۾ زرعي سائنسدانن، ڊاڪٽرن ۽ پروفيسرن سان گڏ علائقي جي ڀلوڙ آبادگارن، ھارين، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.سيمينار پروفيسر ڊاڪٽر فيض محمد شيخ طرفان منعقد ڪرايو ويو.انهي موقعي تي اڳوڻي لائيو اسٽاڪ منسٽر غلام قاسم جسڪاڻي،زرعي ڪاليج جي پرنسيپال ڊاڪٽر سلطان احمد ميتلو،پروفيسر ڊاڪٽر فيض احمد شيخ،ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو،ڊاڪٽر محمد علي ڀٽي ملبرن آسٽريليا کان آن لائين پڻ خطاب ڪيوآبادگارن ۾ عبدالحليم ميمڻ، محمد يوسف ڪُڙِيو،عتيق الرحمان، ھدايت ﷲ ۽ ٻين دالين جي پوکي ۽ ان مان ملندڙ منافعي جي اھميت تي روشني وڌي.ھنن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات کان پوءِ پاڪستان جي معيشت تي پوندڙ نقصان جو واحد حل زراعت سان ئي ڪري سگهجي ٿو.جتي ٻوڏ جو پاڻي سڪي ويو آهي اتي داليون پوکي بهتر ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. ھنن چيو ته دالين جي پيداوار تي زراعت جا ماھر،پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ يونيورسٽيون گڏجي آبادگارن کي دالين جي پوکائي،ٻج بابت آگاهي ڏني وڃي ته جيئن پيداوار وڌائي وڃي.ھنن چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ ھوندي ٻين ملڪن کان داليون گهرايون پيون وڃن حڪومت کي سنجيده ٿيڻو پوندو.انهي موقعي تي آسٽريليا جي تعاون سان ھلندڙ (RCIA) بابت آبادگارن کي آگاھ ڪيو ويو.انهي موقعي تي ڊاڪٽر محمد ھارون ھليو،ڊاڪٽر ذوالفقار عباسي،عبدالخالق سنديلو ۽ ٻيا پڻ شريڪ ھئا
