ڪراچي (رپورٽ: نصرالله جمالي ) ڪراچي ۾ گلشن سيد ٽينٽ سٽي تي حملو، فائرنگ هڪ ڄڻو زخمي، عباسي شهيد اسپتال منتقل، برسات متاثرن جو سخت احتجاج، ايم ڊي اي خلاف شديد نعريبازي ۽ قانوني ڪارروائي جو مطالبو سنڌ جي وڏي وزير کي نوٽيس وٺڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل. تفصيل موجب ڪراچي جي نادرن باءِ پاس تي ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي غير قانوني طور خالي ڪرائڻ لاءِ ايم ڊي اي جا عملدار پهچي ويا جن اچڻ سان ئي ٻوڏ متاثرن ۽ ٽينٽ سٽي تي چڙهائي ڪئي ۽ جتي ڪئمپ جي باني سيد احمد شاه کي هيسائڻ لاء مٿن فائرنگ شروع ڪري ڏني, فائرنگ جي نتيجي ۾ اتي رضاڪار عبدالمالڪ سومرو کي سيني ۾ گولي لڳي وئي, جنهن تي برسات ۽ ٻوڏ ستايل متاثرن جو صبر به جواب ڏئي ويو مردن, عورتن ۽ ٻارڙن ڀترن ۽ لٺين سان ايم ڊي اي اهلڪارن خلاف سخت مزاحمت ڪئي جنهن بعد ايم ڊي اهلڪار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. جنهن بعد زخمي عبدالمالڪ سومرو کي ڳڻتي جو ڳي حالت ۾ ترت علاج لاء عباسي شھيد اسپتال نيو ويو. ٻوڏ متاثر روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ٻوڏ متاثرن مظاهرين ۾ سخت تاء پکڙيل آھي. گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي باني سيد احمد شاه ڪاظمي چيو ته اسان سنڌي ننڌڻڪا ناهيون جو اسان جي مٿان کلي عام گوليون هلايون ٿيون وڃن, اسان پر امن آھيون ۽ اسان کي پرامن رهڻ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ اسان به پنهجو دفاع ڪرڻ ڄاڻو ٿا. زخمي عبدالمالڪ سومري جي ڀاء ۽ ٽينٽ سٽي جي مکيه رضاڪار عتيق الرحمان سومري چيو ته ايم ڊي اي جي اهلڪارن کلي عام دهشتگردي ڪئي آھي ۽ چون پيا ته ٻوڏ متاٽرن خلاف ايف آئي آر آھي, ڇا ٻوڏ ۽ برسات سبب پنهنجا اجها زمينون مال ملڪيت تباھ ٿيڻ سبب مجبورين جا ستايل هي مسڪين ماڻھو ڪي ڌاڙيل آھن ڇا لاءِ هنن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل پيا ڪن, ايم ڊي اي ۾ ايتري همت آھي ته افغانين خلاف ڪيس داخل ڪن ۽ انهن جي مٿان فائرنگ ڪري ڏيکارين. ٻوڏ متاثر عورتن ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته هڪ پاسي اسان برسات ۽ ٻوڏ سبب تباهي جو شڪار آھيون اسان جي زندگين جي ڪمائي الھ تلھ تباھ ٿي ويو آھي ته ٻئي پاسي اسان جي مٿان اسان جن ئي شهرن ۾ گوليون هلايون ٿيون وڃن هنن سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي انصاف جي گهر ڪندي چيو تہ ڪراچي ۾ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي طرف گلشن ٽينٽ سٽي مٿان ايم ڊي اي جي حملي جو اطلاع ٻڌي گلشن معمار حد جي پوليس به گلشن سيد ٽينٽ سٽي پهچي وئي ۽ احتجاج ڪندڙن کي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياريو, ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليس آفيسر چيو ته اسان جي ٿاڻي تي ايم ڊي اي پاران گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ ڪاررائي ڪرڻ بابت ڪو اطلاع ڏنو ويو آھي ۽ نه ئي ڪا انٽري ڪرائي وئي آھي, اسان جانچ ڪنداسين ته حملو ڪنهن ڪيو ۽ ڇو ڪيو ويو جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي. آخري اطلاعن تائين ٻوڏ متاثرن جو رات دير تائين احتجاج جاري رھيو.
