دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو)دادو ۾ گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي 10 ھين ڏينهن به سوين ملازمن سول اسپتال دادو ۾ او پي ڊي 2 ڪلاڪ بند ڪري سول اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪري سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي خلاف سخٿ نعري بازي ڪئي، ان موقعي راجا رفيق پنهور،نثار احمد لاشاري، ڊاڪٽر احسان پنهور،امتياز احمد چانڊيو، محمد آچر پنهور، صداقت علي سومرو، امان الله پنهور، اثمينه لاشاري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت بناجواز اسان صحت کاتي جو اسان رسڪ الائونس ختم ڪيو آهي جنهن ڪري هزارين صحت کاتي جا ملازم پريشان آهن، اسان جو پرامن احتجاج آهي اسان ته هر وقت ڳالهين جا دروازا کليل رکيا آهن پر ڳالهين تي عمل ڪرڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي، اسين هڪ دفعو وري سنڌ حڪومت کي چتاءُ ٿا ڏيون تہ اسان جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ٻيهر سخت احتجاج لاءِ هنن چيو ته گرينڊ هيلٿ الائينس جي مرڪزي قيادت سان ٿيل ڳالهين تي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته عمل ڪندي 5 نومبر کان پهريان سنڌ جي صحت کاتي جي ملازمن جو رسڪ الائونس جيڪو جبري طور ڪٽيو ويو آهي، اهو بحال ڪري سروس اسٽڪچر، ٽائيم اسڪيل سميت ٻين مطالبن کي فوري تي منظور ڪري ملازمن جا مسئلا حل ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي تہ جيئن اسان پوري سنڌ ۾ مريضن جي خدمت ڪري سگهون.
