انعام جمالي ڪارڊف برطانيه
رشي سونڪ اڳوڻي وزيراعظم بورس جونسن جي ڪابينا ۾ سندس چانسلر يعني خزاني جو وزير هو ء ڪووڊ وبا دوران بيروزگاري کان بچڻ لاءِ فرلو اسڪيم، ڪاروبارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ Eat out – Help out, ڪاروباري ماڻهن لاءِ سيلف ايمپلائمينٽ سپورٽ پروگرام جهڙيون شاندار اسڪيمون متعارف ڪرائي مشهوري ماڻي. پر جڏهن اها ڳالهه منظر عام تي آئي ته بورس جونسن ڪووڊ پابندين دوران وزيراعظم هائوس ۾ هڪ پارٽي ڪئي ته سندس مٿان شديد تنقيد ٿيڻ لڳي ته رشي سونڪ سندس پهريون وزير هو جنهن استيفا ڏئي کائنس رستا الڳ ڪيا. آخرڪار انويسٽيگيشن جي نتيجي ۾ جڏهن سندس مٿان لڳل الزام ثابت ٿيو ته بورس جونسن ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻي ۽ وزيراعظم جي عهدي تان استيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ رشي سونڪ سميت ڪنزرويٽو پارٽي جا 6 اميدوار پارٽي جي اڳواڻي لاءِ ڊوڙ ۾ شامل ٿيا. مقابلي جي پنجن رائونڊن کان پوءِ ٻه اميدوار رشي سونڪ ۽ لز ٽرس فائنل رائونڊ ۾ پهتا. آخري رائونڊ ۾ لز ٽرس رشي سونڪ کي شڪست ڏئي ڪنزرويٽو پارٽي جي سربراهه ۽ ملڪ جي وزيراعظم بڻجي وئي. پر سندس آندل مني بجيٽ ۽ ٻين پاليسين سبب سخت تنقيد هيٺ آئي ۽ 44 ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ ئي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي پارٽي ليڊرشپ ۽ وزيراعظم جي عهدي تان استيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ اهڙي ريت تاريخ جي سڀ کان مختصر ترين وزيراعظم جو اعزاز سندس حصي ۾ آيو. اهڙي طرح قسمت جي ديوي ديوان رشي سونڪ مٿان ٻيهر مهربان ٿيڻ لڳي ۽ ڪالھه هو بنا مقابلي ڪنزرويٽو پارٽي جو اڳواڻ چونڊجي ويو ۽ اڄ برطانيه جي بادشاهه چارلس کان آشيرواد وٺڻ کان پو# برطانيه جو پهريون برٽش-ايشين وزيراعظم بڻجي ويندو. رشي سونڪ کي ان سان گڏ برطانيه جي 200 سالا تاريخ جو نوجوان ترين وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز پڻ هوندو. رشي سونڪ جو پيءُ هڪ هندستاني ڊاڪٽر هو جيڪو 1960 ۾ برطانيه آيو ۽ سندس ماءُ فارميسي يعني ميڊيڪل اسٽور هلائيندي هئي. رشي سونڪ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان فلسفي، سياست ۽ معيشيت ۾ ڊگري ڪرڻ کان پوءِ ڪيليفورنيا يونيورسٽي آمريڪا مان MBA جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي محنت ۽ قابليت وسيلي پنهنجي سڃاڻپ ۽ مقام ٺاهيو ۽ اڄ برطانيه جو وزيراعظم بڻجي ويو.
