سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي نئين سال لاءِ ٿيندڙ اليڪشن جو ورڪ شروع

ڪراچي (خاص عيوضي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي نئين سال لاءِ ٿيندڙ اليڪشن جو ورڪ شروع ٿي چڪو آهي. چونڊن ۾ ٻن پئنلن کانسواءِ صدر ۽ نائب صدر جي عهدن تي هڪ هڪ اميدوار انفرادي طور به بيٺل آهن. پروگريسو پئنل جي پاران جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ ناليوارو صحافي، سماجي اڳواڻ ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ مشتاق راڄپر اميدوار آهي. مشتاق راڄپر پنهنجي پئنل جي ورڪ تيزيءَ سان شروع ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن سانا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن هڪ اهم ڪارائتي ڳالهه ڪندي چيو آهي ته سندس پئنل کٽي اچڻ جي صورت ۾ سانا پاران هڪ ڪاميٽي جوڙي ويندي، جيڪا سنڌ مان آمريڪا ايندڙ ماڻهن جون ڏکيائيون دور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي. هن چيو ته هر سال ڪيترائي نوجوان، شاگرد تعليم ۽ روزگار لاءِ آمريڪا يا ڪئناڊا اچن ٿا ۽ بيشمار تڪليفن کي برداشت ڪن ٿا. انهن کي هڪ سٺي گائيڊ لائين جي ضرورت هوندي آهي. کين يونيورسٽين ۽ ادارن جي باري ۾ معلومات، فيس ۽ روزگار جي باري ۾ معلومات جي سخت ضرورت پوي ٿي، رهائش ۽ اميگريشن جا قانون سمجهڻ جي ضرورت پوي ٿي، ان لاءِ پهريون ڪم انهن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويندي، جنهن سان هتي ايندڙ ڪافي تڪليفن کان بچي سگهندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں