سنڌ تي قدرتي يا هٿرادو آفتون

 مسلم بڙدي/ آمريڪا
قدرتي آفتن کانئس ته ڪو انڪاري ناهي جڏهن کان حضرتِ انسان جو وجود ٿيو يا کڻي چئون جڏھن کان جاندار شين جي وجود ٿي آھي تڏھن کان قدرتي آفتون اينديون رھيون آهن نقصان به ٿيندو رھيو آهي، پوء اھي آفتون ڏڪار جي صورت ۾ ھجن يا زلزلن يا برساتن جي صورت ۾ ھجن مطلب اھو زندگي جو حصو آھي تاريخ جا ڪيترائي اھڃاڻ موجود آھن جيڪي آڳاٽي زماني جي اھڙن قسمن جي آفتن جي نشاندهي ڪن ٿيونِ جڏھن ته دنيا ۾ باھ لڳڻ جا به قدرتي واقعا پيش به ايندا رهيا آهن پر ھتي سوال اھو پيدا ٿي رھيو آھي ته ان قدرتي آفتن جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ حضرت انسان ڪھڙا قسم جا اپاءَ ڪيا آھن ؟ يا کڻي چئون ته اڄ جي  جديد دؤر ۾ اُنھن آفتن کان بچڻ رياست ڇا ڪيو آھي ان جي ذميواري ڪھڙي ھوندي آھي؟  ڇا رياست جي ذميواري اھا ھوندي آھي ته قدرتي آفتن جي تباهين تي ويھي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ آھي ته ڪھڙي ملڪ کان ڪھڙو امداد گھرجي جيڪڏھن ايئن آھي ته پوء شايد اھي آفتون اسان جون مقدر ۾ لکجي ويون آھن 2005 جو زلزلو سامھون آھي ته وري 2010۽ 2011 واري ٻوڏ جون تباھ ڪاريون وسريون ناھن ته مٿان وري 2022 به خلق کي ٻوڙي ڇڏيو آھي ھاڻ ھتي سوال اھو به اٿي رھيو آھي ته ڇا ان تباهين ڪارين مان اسان ڪجھ سکيو آھي ڪا حڪمت جوڙي آھي يا نه ،منھنجي خيال ۾ نه جيڪڏھن حڪمت عملي جڙي آھي ته اھا آھي امداد وٺڻ ۽ کائڻ جي آھي ان کان وڌيڪ ٻي ڪا حڪمت عملي جڙي ناھي جڏھن ته اسان ان کان انڪاري نه آھيون قدرتي آفتون آھن اھي اينديون آھن پر انھن جي اثرن کي روڪڻ لاء حڪمت عملي به ضرور آھن جن سان انھن جي تباھ ڪارين کان بچي سگھجي ٿو انھن جي اثر کي روڪي به سگھجي ٿو پر اسان وٽ ائين ناھي حڪمت عملي ڪرڻ بجاءِ قدرت جي مرضي  جي مرضيءَ سمجھي ماٺ ڪري ويھبو آھي جنھن ڪري تباھي نقدر بڻيل آھي اسان لاشعوري نه پر شعوري طور پيا تباھ ٿيونِ سڀ ڪجھ ھوندي به ڪجھ ناھيون ڪندا مثال کڻي موجودھ برسات جيئن تباھي کي ڏسون جو اڳواٽ ٻڌايو ويو ته ھن سال وڌيڪ برساتون آھن اسان جي حڪمرانن رڳو ٻڌو باقي عملي ڪم نه ڪيو سم نالن جون کاٽي نه ٿيون قدرتي پاڻي جي لنگھن کيظ حد دخلين کان آزاد نه ڪيو پاڻي جا جيڪي انگريزن جي دور ۾ پاڻي جا جيڪي ڇنڍڻ ھئا اھي قبضا گيرن کان آزاد نه ڪرايا جڏهن نه ڪرايا ته پاڻي آخر ڪيڏانھن وڃي ھا ان ڪري سنڌ ٻڏي ۽ حڪمرانن جا پنج ئي آڱريون گيھ ۾ اچي ويا فوڪل پرسن ٺھيا خوب غريبن کي ڪيش ڪرائي مال لٽيو ويو تاريخ ۾ 2022 جي ٻوڏ جو جڏهن به ذڪر ايندو ته لازمن دوري جي اُنھن سنڌ واسين جو جيڪي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا، جن جا مال، گھر ٻار بيگهر ٿيا اُنھن جي ڳالھ ايندي، اها جدائي جيڪا پنهجا اباڻا ڳوٺ ڇڏي روڊن رستن تي ڪيمپن ۾ پنهجن پيارن جي وڇوڙي جي صورت ۾ هجي يا سماجي بدحالي سبب. ڌرتي واسين جا سور ۽ اهنجھ هن ڀيري به ساڳيا رهيا ويتر سنڌ وطن جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ لاء درهيان جي بندن تي کاٽ هڻي سنڌ جي ڳوٺن شهرن کي تباھ ۽ 50 سال پوئتي ڪري سنڌ دشمن منصوبا ڪندڙ اقتدار پاران جاري رهيا ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاء پيپلن جي سرڪار اهلڪار طور استعمال ٿي. وري مٿان حق جي ڳالھ ڪندڙن کي کنڀيو پئي ويو ڪيترائي شهيد ڪيا ويا ڪيترائي اڃا قيد ۾ آهن پر باوجود سوين سازشن جي سنڌين وطن جي سربلندي لاء سنڌ جا ساڃاه وند پنهنجي وت وس آهر سنڌ سان ملهايو جنهن ۾ سنڌي پرڏيهي ملڪن جو تنظيمون پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. اميد ته وطن جي وجود جي جنگ سنڌي کٽندا ۽ دولھ درياخان جيان وطن جي وجود/ دنگن ۽ ننگن جي باوقار طريقي سان حفاظت ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں