ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مقررن چيو آهي ته گڏيل قومن کي قدرتي آفتن، غربت، تيزيءَ سان پکڙجندڙ نفرت، جاگرافيائي سياسي تنازعن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ آر شعبي پاران گڏيل قومن جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو چيو ته مختلف ملڪن پاران موسمياتي تبديليءَ جهڙي حساس مسئلي تي ڌيان نه ڏيڻ سبب دنيا ۾ موسمي آفتون پکڙجي رهيون آهن، جنهن جو تازو شڪار غير متوقع برساتن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان ٿيو آهي. هن چيو ته ڪلائميٽ چينج سبب دنيا تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي، جنهن سبب سماجي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن، جن ۾ عالمي سطح تي غربت به شامل آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي حياتياتي ماحول خراب ٿي رهيو آهي، جنهن سبب نفرتون وڌي رهيون آهن ۽ جاگرافي سياسي تڪرار وڌي رهيا آهن، جن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل قومن کي وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نئين ٽيڪنالاجيءَ موقعا ته پيدا ڪيا آهن، پر انهيءَ نون خطرن کي بي نقاب پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته مختلف ملڪن وچ ۾ ننڍن وڏن تڪرارن کي حل نه ڪري سگهڻ گڏيل قومن جي ناڪامي آهي، جڏهن ته صفني عدم مساوات به سڄي دنيا ۾ انساني حقن لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج بڻيل آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ جي چيئر پرسن پروفيسر ڊاڪٽر عشرت عباسي چيو ته دنيا ۾ اڄ ڪيترائي چئلينجز موجود آهن، جن جي حل لاءِ مؤثر حل جي گهٽتائي نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن کي ڪشمير بابت پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ڏکڻ ايشيا ۾ مستقل امن، انصاف ۽ ترقيءَ لاءِ راهون هموار ٿي سگهن. هن ان موقعي تي گڏيل قومن جي ڪم ۽ اهم مقصدن تي تفصيلي روشني وڌي. سيمينار کي عائشه، ابرار، اعجاز ۽ ٻين گڏيل قومن جي ارتقاء، ساخت، طاقت ۽ ڪمزورين بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل قومن جي ضروري سڌارن ۽ بهتريءَ تي به روشني وڌي. ڄاڻايل سيمينار منعقد ڪرڻ جو مقصد گڏيل قومن جو ساليانو ڏهاڙو ملهائڻ هو. سيمينار جي صدارت سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ڪئي. سيمينار ۾ ٽيچرز کان سواءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
