لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جي صدر ڊاڪٽر فضل کوسو مرڪزي اڳواڻن صدام رند، ڊاڪٽر پارس گولو، ڊاڪٽر سيرت ٻرڙو، ڊاڪٽر ڪامران عباسي، ڊاڪٽر عطاءُ الله ڇڄڻ، ڊاڪٽر ڪاشف ڌاريجو، ڊاڪٽر طلحه پيچوهو، ڊاڪٽر برڪت ڦلپوٽو ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت 14 سالن دوران صحت کاتي ۾ ڊينٽل سرجن ڊاڪٽرن جون صرف 385 پوسٽون ظاهر ڪري ڀرتيون ڪيون آهن جڏهن ته ڊبليو ايڇ او موجب 10 هزار ماڻهن جي آبادي تي هڪ ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر هجڻ ضروري آهي. هنن ۽ هلندڙ سال پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي پوري سنڌ ۾ 50 ڊينٽل سرجن ڊاڪٽرن جي ڀرتي لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي جن ۾ فيميل، معذور ۽ اقليتي ڪوٽا شامل ڪري اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ هر سال خانگي توڙي سرڪاري تعليمي ادارن مان 1250 ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر پاس آئوٽ ٿين ٿا، جڏهن 14 سالن ۾ 17 هزار ڊاڪٽر گريجوئيٽ ڪري چڪا آهن جن لاءِ موجوده دور ترقي لاءِ ڪي به موقعا موجود انهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڊينٽل ڊاڪٽرن جي صورتحال تمام خراب آهي جيڪي ٽيڪنيشن جي ملڪيت هيٺ ڊينٽل ڪلينڪن تي 15 هزار روپين عيوض ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ هڪ طرف بااثر ماڻهن جي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان هيٺين ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي اولاد هزارن جي تعداد ۾ ڊينٽل سرجن پاس آئوٽ ٿين ٿا پر انهن لاءِ حڪومت وٽ نه نوڪريون آهن نه وري ٻيا موقعا موجود آهن جن تحت ڊينٽل سرجن ڊاڪٽرن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته ڏک ۽ ڪاوڙ جو مقام اهو آهي جو سنڌ ۾ جانورن جا ڊاڪٽر وڌيڪ ۽ صحت کاتي جي اهم شعبي ڊينٽل جا ڊاڪٽر گهٽ آهن. هن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته هر سال 2 هزار ڊينٽل ڊاڪٽرن جون نوڪريون ظاهر ڪيون وڃن، پوسٽ گريجوئيٽ ڊينٽل ڊاڪٽرن جي سيٽن ۾ اضافو ڪري اسپيشل ڪيڊر ڏيڻ سان گڏ سڀني يونيورسٽيز ۾ ايف سي پي ايس جي ٽريننگ ڪرائي وڃي.
