سپريم ڪورٽ طرفان وفاقي سرڪار جي پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ روڪڻ واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو)  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، حڪومت طرفان عمران خان جو لانگ مارچ فوري روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال  جي سبراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ عمران خان خلاف توهين عدالت جي حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته چيف جسٽس چيو ته 26 مئي جي فيصلي ۾ اهو طئي ٿي ويو ته عمران خان خان جو لانگ مارچ روڪڻ جي هيءَ درخواست هاڻي غيراثرائتي ٿي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته هو ٻيهر اچي رهيو آهي، جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي فيصلي ۾ اڳ ئي چيو هو ته اوهان عدالت کان اهو ڇا گهرڻ آيا آهيو؟  عدالت ايگزيڪٽو ناهي ۽ نه ئي ٿيڻ چاهي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سياسي معاملن ۾ عدالتن کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، حڪومت وٽ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو اختيار آهي، حفاظتي قدم کڻڻ سرڪار جو ڪم آهي، اها ڪري، عدالت رڳو اهو چاهي پئي ته ڪير ظالماڻا قدم نه کڻي. سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار جي عمران خان جو لانگ مارچ فوري طور رد ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مڪالمي دوران حڪومت کي عمران خان سان ڳالهين جي صلاح ڏيندي رمارڪس ڏنا ته احتجاج ڪرڻ وارن سان ڳالهيون ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته  بهتر آهي ته توهان پنهنجي درخواست واپس وٺو، هن درخواست جا قانوني اثر ٿي سگهن ٿا. عدالت چيو ته فلحال توهين عدالت جو يا شوڪاز نوٽيس جاري نه پيا ڪيون، نوٽيس جاري ڪرڻ سان اهو تاثر ويندو ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي، عمران خان جو جواب اچي وڃي پوءِ جائزو وٺنداسين ته توهين عدالت ٿي يا نه. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪندي رمارڪس ڏنا ته ضرورت پئي ته عدالت سومر کان پهريان به موجود هوندي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جمعي تي لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں