شهيد شهناز انصاري قتل ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو

نوشهروفيروز) ڊ ر ( شهيد شهناز انصاري قتل ڪيس ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌائيندي. ان سلسلي ۾ شهيد شهناز انصاري جي وارثن نياڻي ڊاڪٽر فاطمه انصاري، ڀاءُ علي راڄپر، الطاف راڄپر ۽ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ انور عباسي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ان موقعي تي پ پ ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر ڊاڪٽر فاطمه انصاري چيو ته سڀاڻي (اڄ) 27 آڪٽوبر ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويندو عدالت سڳوري مان انصاف جي اميد آهي امڙ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ٻه سال اڳ اسان جي اکين جي سامهون جوابدارن اسان جي ماءُ کي گوليون هنيون سڀاڻي انصاف ملندو هن چيو ته هڪ سٽنگ ايم پي اي کي گهر ۾ گهرائي سندس مٿان گوليون وسايون ويون، سنڌ جي نياڻي جي بيگناهه وهيل خون جو سڀاڻي فيصلو آهي، سڀاڻي حق ۽ سچ جي فتح ٿيندي شهيد شهناز عوام جي همدرد ليڊر هئي ميڊيا سميت هر ماڻهوء جي ٿورائتي آهيان جن ساٿ ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں